ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته آءِ جي مقرري جو تڪرار ختم ٿيڻ گهرجي، پوليس جي بهتر مفاد ۾ رضاڪاراڻي طور عهدي کان الڳ ٿيڻ چاهيان ٿو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا تحريري جواب ۾ چيو آهي ته موجوده حالتن ۽ پوليس جي بهترين مفاد ۾ رضاڪاراڻي طور تي آءِ جي جي عهدي کان الڳ ٿيڻ چاهيان ٿو، جواب ۾ چيو ويو ته ضروري آهي آءِ جي جي مقرري جي حوالي سان تڪرار کي فوري طور ختم ڪيو وڃي، عدالت سان درخواست ڪريان ٿو ته منهنجو نالو ان درخواست مان ڪڍيو وڃي ته جيئن وفاقي حڪومت کان پنهنجي سرسوز سنڌ حڪومت کان واپس وٺڻ جي درخواست ڪري سگهان، هن چيو ته هڪ سال دوران سنڌ پوليس ۾ اهم سڌارن سان گڏ کاتي ۾ 20 هزار نيون ڀرتيون ڪيون، پوليس ملازمن جي ترقين جي لاءِ موثر نظام جوڙيو آهي، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا طرفان شهاب اوستو ايڊووڪيٽ وڪالت نامو جمع ڪرائڻ سان گڏوگڏ مقدمي کان منع نامو ختم ڪرڻ جي به درخواست عدالت ۾ داخل ڪئي، آءِ جي سنڌ جي وڪيل عدالت کي ٻ+ايو ته اي ڊي خواجا پوليس ۾ نگراني جو نظام موثر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا، هن تڪرار سبب هر واقعي جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ ۽ ان جي نتيجن جي ذميداري آءِ جي تي اچي وڃي ٿي ۽ انهن حالتن ۾ اي ڊي خواجا رضاڪاراڻي طور پوئتي هٽڻ چاهي ٿو، هن ڪيس ۾ منع نامو ختم ڪري منهنجي اصيل جو نالو مدعين جي فهرست مان ڪڍيو وڃي، جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته ان موقعي تي عدالت نه ته مدعين جي فهرست مان نالو ڪڍي سگهي ٿي نه ئي منع نامو ختم ڪري سگهي ٿي، ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته 2002 جو پوليس آرڊر ڊڪٽيٽر جو ڏنل قانون هيو، جيڪو ايمرجنسي ختم ٿيندي ئي ختم ٿي ويو هو، 1935 کان ريگيولر پوليس، وليج پوليس، ريلوي پوليس ۽ رينجرز صوبائي معاملا رهيا آهن، سندس چوڻ هو ته 1973 ۾ رينجرز ۽ ريلوي پوليس صوبن کان واپس ورتا ويا آهن، جڏهن ته وليج پوليس جو نظام ختم ٿي ويو آهي، هاڻي صوبي وٽ رڳو ريگيولر پوليس رهجي وئي آهي، وفاق اهو اختيار به واپس وٺڻ چاهي ٿو، عدالت منع نامي ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.