لنڊن ۾ پي آءِ اي عملي سان ٿيل ناروا سلوڪ

May 17, 2017 at 6:01 am

حسن ناز سومرو
عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي ساک کي ڇيهو رسائڻ جا هزارين هلايا ويندا آهن پر جڏهن الله پاڪ پاران عزت مليل هجي ته پوءِ ان کي دنيا جي ڪابه طاقت ڇيهو رسائي نه ٿي سگھي سو اهڙي طرح ڪاله جڏهن لاهور کان پي آءِ اي جي هڪ اڏام مسافر کڻي لنڊن ايئرپورٽ تي پهتي ته لنڊن ايئرپورٽ انتظاميه جهاز جي سموري مسافرن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته پي آءِ اي جا ملازم جيڪي جهاز ۾ سوار هئا انهن کي پڇا ڳاڇا لاءِ ڪنهن ڳجھي هنڌ وٺي ويا، جتي ملازمن کان سخت پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي ۽ بعد ۾ پي آءِ اي جي جهاز جي پوري تلاشي ورتي ويئي پر جهاز مان سندن ڪجھ به هٿ ڪون لڳن، تنهن کان پوءِ جهاز جي عملي کان پاسپورٽ ڦري انهن کي ڪنهن هوٽل ڏانهن موڪليو ويو جنهن تي جهاز جي عملي اتان جي هوم سيڪريٽري آڏو احتجاج ڪيو پر آخري اطلاعن تائين ڪو به خاطر خواه جواب نه ملي سگھيو هو، برطانوي حڪومت جو پاڪستان جي ماڻهن سان اهڙو ناروا سلوڪ گھڻو ڪجھ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو، جڏهن ته پاڪستان هميشه آمريڪا ۽ برطانيه جهڙن ملڪن جي هميشه جائز ۽ ناجائز حمايت ڪندو رهيو آهي پر انهن ٻنهي ملڪن جي دل ۾ پاڪستان لاءِ ايتري جڳه پيدا ٿي نه سگھي آهي جيتري هجڻ گھرجي ها.
پاڪستان هڪ احرو ملڪ آهي جيڪو پاڻ خود دهشتگردن جي نشاني تي آهي ۽ هر ايندڙ ڏينهن تي پاڪستان جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ دهشتگردي ڪئي ويندي رهي آهي پوءِ اها دهشتگردي هندوستان پاران هجي يا افغانستان پاران هجي، ايران پاران هجي يا ملڪ اندر پلجندڙ نمڪ حرامن جي هجي مطلب ته هر موڙ تي پاڪستان کي ئي نشانو بڻايو ويندو آهي جڏهن ته انهيءَ دهشتگردي ۾ ڪڏهن هندوستان جا ماڻهو شامل نڪرندا آهن ته ڪڏهن وري افغانستان جا، مطلب ته پاڪستان کي هر طرف کان نشانو بڻايو پيو وڃي، اسان ملڪ ۾ وڌندڙ مذهبي انتها پسندي تمام خراب موڙ تي پهچي چڪي آهي، اسان کي پنهنجي مذهب اسلام جيڪو ڪجھ سيکاريو ان جو دنيا ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي پر وري جڏهن اسان جي انتها پسند ملن ۽ مذهبي اسڪالرن مذهب کي فرقن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ اسلام جي اصل روح کان هٽي ڪري ڪم ڪرڻ لڳا ته اسان جي اسلام جو اصل مقصد اڌورو رهجي ويو ۽ انهيءَ انتها پسندي جي ڪري اسان جي ملڪ کي دنيا دهشتگرد سڏڻ لڳي ۽ دنيا ۾ پاڪستان ۽ پاڪستانين جو اميج ڪرڻ لڳو، ايتري قدر جو اسين خود دهشتگردن جي ور چڙهي وياسين ۽ پوءِ به اسين دنيا جي نظرن ۾ خراب ڏسڻ ۾ آياسين اهوئي سبب آهي جو اچ ڪٿي به يا ڪنهن به ملڪ ۾ جڏهن پاڪستاني ماڻهو وڃن ٿا ته انهن کي سٺين نظرن سان ڏٺو ناهين ويندو ۽ اهوئي سبب آهي جو ڪاله لنڊن جي ايئرپورٽ تي جهاز ۾ سوار مسافرن ۽ پي آءِ اي جي عملي سان بدسلوڪي ڪئي ويئي آهي، ان باري ۾ پاڪستان مان سفارتي ذريعن ذريعي رابطا ڪيا پيا وڃن پر آخري اطلاعن تائين جهاز جي عملي سان ڪنهن به قسم جو تعاون نه پيو ڪيو وڃي سو ان لاءِ اسين حڪومت پاڪستان کي گذارش ڪنداسين ته هو پاڪستاني شهرين ۽ پي آءِ اي عملي جي سار سنڀار لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺن ته جيئن هتي پاڪستان ۾ مسافرن جي مائٽن ۽ پاڪستان جي عوام ۾ ڦهليل بيچيني ختم ٿي سگھي.

اي پيپر