سائبر ڪرائيم ۽ خطري ۾ آيل ڪمپيوٽر دنيا!

May 17, 2017 at 6:00 am

وجاهت حسين
ايڪيهين صديءَ ڌاري جيترو تيزيءَ سان ايجادون ٿيون، تنهن ماڻهن کان حيران ٿيڻ جو حق ڄڻ ته ڦُري ورتو آهي. هينئر ڪنهن به وڏي ايجاد کي بس هڪ عام خبر کان وڌيڪ شايد ئي ڪو اهميت ڏيندو هُجي! پر اوڻيهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي مهڙ ۾ جڏهن به ڪا نئين ايجاد ٿيندي هُئي ته اُن کي سمجهڻ ۾ خلق کي ورهيه لڳي ويندا هُئا.
مون کي خبر ناهي ته ريڊيو ايجاد ٿيڻ وقت ماڻهو ڪيترا حيران ٿيا هوندا يا ٿامس ايڊيسن جي ڪيترن ئي ناڪام تجربن کان پوءِ بلب جو جڏهن ڪامياب تجربو ٿيو هو ته دنيا ڪيتري وهلور وئي هُئي، پر ستر واري ڏهاڪي جي آخر وارا ڪجهه لمحا اڄ به منهنجي اکين ۾ فريز ٿيل آهن، جڏهن اسان جو چاچو ٻاويهه انچن وارو شاهي ريڊيو خريد ڪري آيو هو، گهر ڀاتي ته خوشيءَ ۾ ورتل هُئا ئي پر ڳوٺ جي ماڻهن به هيلي بهاني ريڊيو ڏسڻ لاءِ چڪر پئي ڏنا. تن ڏهاڙن ۾ جڏهن شادي وهانءَ جي موقعي تي مائٽن وٽ شهر وڃبو هو ته بليڪ اينڊ وائيٽ ٽيليويزن مان اسان ڳوٺ واسين جون اکيون ئي نه نڪرنديون هيون. حيرت ۽ چاهه مان هر پروگرام کي آخري پروگرام سمجهي ڏسبو هو. وري جو ٽيليويزن تي رنگ ڏسڻ ۾ آيا ته خلق پنهنجا ڌنڌا ڌاڙيون سوير بند ڪريو اچي ٽيليويزن آڏو ويهندي هُئي. اُن بعد ڪمپيوٽر پڻ دنيا کي وڏي حد تائين حيران ڪيو، پر پوءِ ايجادون ايتريون ٿيڻ لڳيون جو ماڻهو اُنهن جا عادي ٿي ويا. هينئر ڪمپيوٽر ۾ ئي پنج ست جرنيشنز ٻُڌايون وڃن ٿيون ۽ نه ڄاڻ اڃا الائي ڪيتري جدت ڏسڻ ۾ اچي. اِئين به ممڪن آهي ته جلد ئي اسڪرين ليس ڪمپيوٽر به مارڪيٽ ۾ پهچي وڃن. ڪمپيوٽر جي انهيءَ ايجاد، تسائي لون جي 105ع ڌاري ايجاد ٿيل ڪاغذ جي اهميت جهڙوڪر گهٽائي ڇڏي آهي. جيتوڻيڪ اسان جي نظر ۾ اڄ به ڪاغذ جي اُها ساڳي ئي اهميت آهي، پر آفيسن، فيڪٽرين توڙي ڪارخانن ۾ ڪم ڪار لاءِ هاڻ ڪاغذ جو استعمال گهٽ ئي ٿئي ٿو. نه ئي وري اڳ جيان ڪاغذ جي ٽُڪري تي گلڪاريون ڪڍي ڪو ڪنهن کي خط اُماڻي ٿو، نه ئي وري ڪنهن وڏي ڏڻ تي ماڻهو هڪ ٻئي کي ڪارڊ اُماڻين ٿا، جيڪڏهن ڪا ضروري ڳالهه لکڻي هوندي ته اُن لاءِ اي ميل استعمال ڪئي ويندي، پر جيڪڏهن تڪڙو پيغام رسائڻو هوندو ته پوءِ شارٽ ميسيج يعني ايس ايم ايس مان ڪم هلايو ويندو. انهيءَ سهولت پڻ ماڻهن کان حيرت جو حق ڄڻ ته ڦُري ورتو آهي، نه ته اڳ بنا اطلاع جي آيل مهمان کي ڏسڻ کان پوءِ ميزبان جي چهري تي جيڪي خوشيءَ جا تاثر اُڀرندا هُئا، سي هينئر شايد ئي ڪنهن جي نصيب ۾ هُجن!
هي هتي جيڪو ٿلهه ٻَڌي آيا آهيون، سو فقط اِن لاءِ ته جيئن ڪمپيوٽر دنيا ۾ متل ٻڙڌڪ جي پچار ڪري سگهجي. يقينن پڙهندڙن جي سماعتن تائين انهيءَ مسئلي بابت خبرون پهتيون هونديون، پر پوءِ به اُنهن جو ڪجهه خلاصو هتي ڏيڻ اسين ضروري سمجهون ٿا. رينسم ويئر نالي وائرس اڄڪلهه پوري دنيا کي پريشان ڪري رکيو آهي. آمريڪا، برطانيه، چين، روس، اسپين، اٽلي ۽ تائيوان سميت 150 کان وڌيڪ مُلڪن جي گهٽ ۾ گهٽ ٻه لک کان وڌيڪ ڪمپيوٽرن کي نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته اڃا وڌيڪ ڪمپيوٽرن کي نقصان رسڻ جو انديشو آهي.
اهو حملو ڪيئن ڪيو وڃي ٿو؟
رينسم ويئر هڪ اهڙو پروگرام آهي، جيڪو ڪمپيوٽر تي موجود فائلن تائين رسائي روڪي ڇڏي ٿو ۽ پوءِ بنا ڀُنگ ادا ڪرڻ جي ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ مشڪل هُجي ٿو. يورپي يونين جي پوليس يوروپول مطابق رينسم ويئر ڪا نئين شيءِ ناهي، پر ’وانا ڪرائي‘ وائرس جو اهو حملو ايترو وڏي پيماني تي ڪيو ويو آهي جو ماضيءَ ۾ اُن جو مثال نٿو ملي.
رينسم ويئر وائرس جا ڪيترائي قسم آهن ۽ سائبر سيڪيورٽي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان واقعي سان اُنهن کي به نئين زندگي ملندي نظر اچي ٿي. برطانيه ۾ نيشنل هيلٿ سروس کي اهو حملو ڀوڳڻو پيو هو پر هفتي جي پڄاڻي تي برطانيه ۾ صحت جي شعبي سان منسلڪ ٽرسٽ جون مشينون ٻيهر ڪم ڪرڻ لڳيون، تنهن هوندي اين ايڇ ايس هيستائين اها معلومات ناهي ڏني ته اُن کي ڪيئن ٻيهر ممڪن بڻايو آهي.
ڇا اوهان جو ڪمپيوٽر خطري ۾ آهي؟
وانا ڪرائي وائرس صرف اُنهن ڪمپيوٽرن کي پنهنجو شڪار بڻائي ٿو، جيڪي ونڊوز آپريٽنگ نظام استعمال ڪندا آهن. جيڪڏهن اوهان پنهنجي ونڊوز اپ ڊيٽ نٿا ڪريو، اي ميل کوليندي يا پڙهڻ وقت احتياط نٿا ڪريو ته اوهان کي خطرو ٿي سگهي ٿو.
جيتوڻيڪ گهريلو صارفين جي ڪمپيوٽرز جي ان حملي جو شڪار ٿيڻ جا امڪان نسبتن گهٽ ٻُڌايا وڃن ٿا، اوهان پنهنجي آپريٽنگ سسٽم اپ ڊيٽ ڪري، فائر والز ۽ اينٽي وائرس جو استعمال ڪري پاڻ کي محفوظ رکي سگهو ٿا. اوهان پنهنجي ڊيٽا کي باقاعدگيءَ سان بيڪ اپ ڪريو ته جيئن متاثر ٿيڻ جي صورت ۾ اوهان بنا ڀُنگ ڀرڻ جي پنهنجي سسٽم کي اُن جي مدد سان بحال ڪري سگهو ٿا.
رينسم ويئر جو شڪار ٿيڻ وارن ماڻهن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڀُنگ جي رقم ڏيڻ تي به ان ڳالهه جي ڪا ضمانت ناهي ته اوهان جا فائل ان لاڪ ٿي ويندا.
سائبر حملو ايتري تيزيءَ سان ڪيئن ڦهليو؟
ان رينسم ويئر جو نالو ’وانا ڪرائي‘ آهي. بظاهر ان کي ’وارم‘ نالي هڪ ڪمپيوٽر وائرس جي ذريعي ڦهلايو ويو آهي. ٻين ڪمپيوٽر وائرسز جي اُبتڙ ’وانا ڪرائي‘ خودبخود هڪ نيٽ ورڪ ۾ ڦهلجڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٻيا وائرس ڦهلاءَ جي معاملي ۾ انسانن تي وڌيڪ انحصار ڪندا آهن، اُنهن ۾ ڪنهن اي ميل جي ذريعي ماڻهن کي هڪ لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ جي لاءِ چيو ويندو آهي. پر ’وانا ڪرائي‘ هڪ ڀيرو اوهان جي نيٽ ورڪ ۾ داخل ٿي ويو ته اُهو اهڙيون مشينون تلاش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو، جن کي شڪار بڻائي سگهبو آهي.
وائرس ٺاهيندڙ توڙي هيڪرن جي سوچ لڳ ڀڳ اُنهن قابض ڌُرين جهڙي ئي لڳي ٿي، جيڪي ڪنهن به رياست تي جڏهن حملو ڪندا هئا ته سڀ کان پهريان اُتان جون لائبريريون، ڪتب خانا ۽ درسگاهون پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي، پنهنجي مقصد جو مواد کڻي باقي سڄي مواد کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندا هئا. ساڳيو ڪم اڄڪلهه وائرس ٺاهيندڙ ڪري رهيا آهن، اُهي نه رُڳو دنيا جي مختلف مُلڪن مان ڊيٽا پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري وٺن ٿا، پر اُنهن کي واپس ڪرڻ جي عيوض ڳري رقم به گهرن ٿا. جڏهن ته هيڪر وري پنهنجي مرضيءَ جا نتيجا ماڻڻ لاءِ ڪمپيوٽر کي هيڪ ڪن ٿا ۽ پوءِ اُهوئي ٿئي ٿو، جيڪو هُو چاهين ٿا. چوڻ وارا ته اِهو به چون ٿا ته ٽرمپ جي آمريڪا جو صدر بڻجڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار اُنهن هيڪرز جو هو، جن آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ ڪمپيوٽرائز ووٽنگ کي هيڪ ڪري ٽرمپ جي فائدي ۾ نتيجا آندا. اُن کان علاوه پاناما ليڪس وارو ڪيس پاڻ سڀني جي آڏو آهي، جنهن پوريءَ دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. ممڪن آهي ته اڳيان هلي ڪو اهڙو به وائرس جوڙيو وڃي، جيڪو دنيا جي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڊيٽا کي ڊليٽ ڪري ڇڏي.
چون ٿا ته انٽرويوءَ دوران ڪنهن آئن اسٽائن کان پُڇيو ته اوهان جو تجربو ڇا ٿو چوي ته ٽين عالمي جنگ ۾ ڪهڙا هٿيار استعمال ڪيا ويندا؟ ٿوري سوچ ويچار کان پوءِ آئن اسٽائن جواب ڏنو ته ٽين عالمي جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيارن بابت ته ڪجهه نٿو چئي سگهجي، پر ايتري پڪ آهي ته چوٿين عالمي جنگ لٺين ۽ ترارن سان وڙهي ويندي. سو وائرس جي حملن ۽ ڪمپيوٽر هيڪ ٿيڻ وارن واقعن کان پوءِ اِها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جو دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاغذ جي استعمال ڏانهن موٽ کائيندي ۽ پيغام جي رسائي لاءِ ٻيهر ٽپال گهرن جي ضرورت پوندي. ڏسجي ته هيڪر ڪڏهن ٿا دنيا کي اُبتا پير کڻڻ تي مجبور ڪن!
******

اي پيپر