ڪراچيءَ کي هڪ ڀيرو ٻيهر بند ڪرائڻ جي ڪوشش!
May 17, 2017 at 6:00 am پاڪ سرزمين پارٽي جي قيادت پاران ايم ڪيو ايم جي ميئر وسيم اختر کي اختيار ڏيڻ سميت 16 مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ جي ڪوشش دوران شاهراهه فيصل اُن وقت جنگ جو ميدان بڻجي ويو، جڏهن مصطفيٰ ڪمال جي اڳواڻي ۾ سندس مارچ عائشه باواني اسڪول وٽ پهتو ۽ پوليس اٽالن مارچ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ورتو، ان موقعي تي گورنر هائوس واري روڊ تي ڪنٽينر رکي وزيراعليٰ هائوس ڏانهن ويندڙ رستن کي به سيل ڪري پوليس اٽالا مقرر ڪيا ويا هئا، جتي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي اڳواڻي ۾ حڪومت جو چار رڪني وفد ڊاڪٽر صغير احمد، رضا هارون ۽ وسيم آفتاب سان ڳالهيون ڪري اُهو موقف اختيار ڪيو ته هِن وقت سنڌ جو وڏو وزير موجود ناهي، تنهن هوندي به پي ايس پي جي سينيئر ليڊر شپ ساڻن ڳالهيون ڪري ۽ احتجاج ختم ڪيو وڃي، پر پي ايس پي اڳواڻن جو چوڻ هو ته مارچ کي ميٽرو پول هوٽل تائين ڇڏيو وڃي، حڪومت ۽ پي ايس پي ۾ ڳالهين جي ناڪامي کانپوءِ ڪارڪنن جيئن ئي وزيراعليٰ هائوس طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس مٿن شيلنگ ڪري ڏني، ڳوڙها آڻيندڙ گئس، واٽر ڪينن ۽ لٺبازي جي نتيجي ۾ ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ڇڪتاڻ دوران پي ايس پي جي ڪارڪنن پوليس مٿان پٿراءُ به ڪيو، اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ دوران مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته ڪراچي جي عوام کي سڏ ڏيان ٿو ۽ اپيل ڪريان ٿو ته ڪراچي جي هر گهٽيءَ کي بند ڪري احتجاج ڪيو وڃي. سندس اهڙي سڏ بعد پي ايس پي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ۽ سندس ساٿين انيس قائمخاني، ڊاڪٽر صغير احمد، رضا هارون، وسيم آفتاب ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو.
جيتوڻيڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال بعد وڏي وزير جي هدايت تي پي ايس پي جي گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ته ڪيو ويو، پر افسوس ان ڳالهه تي ٿئي ٿو ته جڏهن سنڌ حڪومت جو وفد پي ايس پي وٽ هلي آيو ۽ ڳالهين جي آڇ به ڪئي ته ان جي باوجود ڪهڙي ضرورت هئي جو پي ايس پي جي ڪارڪنن پوليس مٿان پٿراءُ ڪري قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي؟ جيڪڏهن ٿورو صبر ۽ تحمل سان ڪم ورتو وڃي ها ته شايد شاهراهه فيصل ايئن جنگ جو ميدان نه بڻجي ها، جنهن سبب سڄو ڏينهن بدترين نموني ٽرئفڪ جام رهي، ڪيتريون ئي گاڏيون ڪلاڪن تائين قطارن ۾ بيٺل رهيون ۽ شهرين کي مختلف اذيتن مان گذرڻو پيو. جهڙي ريت متحده پاران ڪراچي کي يرغمال بڻائي سندس قائد جي هڪ سڏ تي شهر کي بند ڪيو ويندو هو، جتي ڪٿي فائرنگ ۽ ڌماڪن جا آواز پيا ٻُڌبا هئا، هڪ ئي وقت بي گناهه شهرين جا لاش ڪيرايا ويندا هئا، خوف وچان گاڏين ۾ سوار ماڻهو سيٽن هيٺان لڪي پنهنجون جانيون بچائڻ ۾ پورا هوندا هئا ۽ اڄ وري عوام کي بنيادي سهولتون ڏيارڻ جي آڙ ۾ اها ساڳي صورتحال پيدا ڪرڻ لاءِ ڪالهه آچر ڏهاڙي ٿيل ڇڪتاڻ انهيءَ دهشت ۽ وحشت ڏانهن وڌندڙ وک آهي، جنهن ۾ شهرين پنهنجا پيارا وڃائي ڪرب واري ڪيفيت مان گذريا. ڪجهه ڏينهن اڳ مختلف ڪيسن ۾ ڄاڻايل ملزم متحده اڳواڻ سليم شهزاد اهو انڪشاف ڪري چڪو آهي ته پي ايس پي ۽ ايم ڪيو ايم هڪ ئي پارٽي جا ٻه نالا آهن يعني هڪ سڪي جا ٻه پاسا، جن جا مقصد پاڻي، بجلي ۽ عوام کي بنيادي سهولتون ڏيارڻ نه پر سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تشدد واري لهر پکيڙڻ آهي.
اڄ به عوام کان اهي حالتون وسريون ناهن، جن ڪراچي ۾ دهشت ڦهلائي، جن ملڪ ٽوڙڻ ۽ رياستي ادارن خلاف بنا خوف ۽ ٻاهرين قوتن جي زور تي نازيبا لفظ استعال ڪيا، حيرت آهي ته جيڪا ڌر وڏي عرصي کان ڪراچي جي مينڊيٽ جي مالڪي جي دعويٰ ڪندي رهي، ان سان سالن کان سلهاڙيل اڳواڻ اقتدار هوندي عوام لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيا، سي اڄ نالو تبديل ڪري عوام جي حقن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن! جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم جي باني قائد جي پاڪستان جي سياست سان ظاهري طور لهه وچڙ ته ختم ٿي چڪي آهي، پر ان غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته اڄ جيڪي نئين پارٽي ٺاهي ڪراچي ۾ سياست ڪري رهيا آهن، تن جي ذهنن مان سندن قائد جا خيال به نڪري ويا آهن. جي ائين هجي ها ته پي ايس پي جو سربراهه رياست جي سختي به سهي وٺي ها، پر متحده جي باني قائد جيان ڪراچي کي بند ڪرڻ جو سڏ نه ڏئي ها، سندس اها بي صبري اهو ڏس ٿي ڏئي ته اڳتي هلي هُو به ڳالهين بجاءِ احتجاجن، هڙتالن ۽ شهر جي بندش کي ترجيح ڏيندو، جيڪو عمل نه اڳ ڪڏهن ملڪ جي ڀلي لاءِ ثابت ٿيو آهي ۽ نه وري هاڻ ثابت ٿيندو. ان ڪري بهتر آهي ته نالو مٽائي سياست ڪندڙ پراڻا چهرا پنهنجي اندر موجود غلطين کي محسوس ڪن، ٻي صورت ۾ پي ايس پي لاءِ به اُهي ساڳيا خدشا ۽ سوال اُٿندا، جيڪي متحده لاءِ ڏکيا ثابت ٿيا هئا.