تحريڪ انصاف ادارن ۾ ٽڪراءُ چاهي ٿي، نعيم الحق ۽ شيري مزاري جا ٽوئيٽس افسوس جوڳا آهن: مريم اورنگزيب
May 17, 2017 at 5:57 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
سلام آباد( بيورو ) سڌ سماءَ واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب تحريڪ انصاف اڳواڻ نعيم الحق ۽ شيري مزاري جي ٽوئيٽس کي رد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو مقصد ادارن ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻن جي ٽوئيٽس تي رد عمل ظاهر ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته شيري مزاري ۽ نعيم الحق جا ٽوئيٽس نهايت افسوس جوڳا آهن. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف غلط ڄاڻ جي بنياد تي بيان ڏيڻ کان پاسو ڪري. مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف جو مقصد ڪوڙ ۽ ڏڦيڙا پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف عادت کان مجبور آهي، جاچ کانسواءِ الزام هڻڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ادارن ۾ ٽڪراءَ چاهي ٿي.