وزير اعظم چاهي ٿو ته پاناما ۽ ڊان ليڪس جو معاملو رات وئي ڳالهه وئي وارو ٿي وڃي ۽ ڪو به پڇڻ وارو نه هجي : سراج الحق

May 17, 2017 at 5:57 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور (اين اين آءِ)پاڪستان جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته قوم دعائون گھري رهي آهي ته جي آئي ٽي جي ذريعي ڪرپشن ختم ۽ فورو حڪمران جيلن ۾ بند هجن. عدالت احتساب نه ڪري سگھي ته پاڪستان جو وڏو نقصان ٿيندو. حڪمرانن جي چهرن تي مايوسي ۽ خوف واضع طور تي ڏسي سگھجي ٿو. قومي دولت کي حلوو سمجھي ڳڙڪائڻ وارا احتساب کا نه ٿا بچي سگھن ڪرپشن جي خلاف جماعت اسلامي جي تعريف ڪامياب ٿي رهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصورا ۾ ڪوٺايل ديني مدرسن جي اڳواڻن جي ٽن ڏينهن واري تربيتي ورڪ شاپ ۽ ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو، سينيٽر سراج الحق چيو ته حڪمران قوم سان ڪيل هڪ واعدو به پورو نه ڪيو آهي. لوڊشيڊنگ جي خاتمي وارا دعويٰ به ڪوڙا ثابت ٿيا آهن. هن چيو ته جيستائين ڌانڌلي جو ذميوار آر او ايس کي نه چيو ويندو ڌانڌلي ختم نه ٿيندي، اسان 2018 جي چونڊن کان اڳ اليڪشن ريفارمز نافض ڪرڻ چاهيون ٿا. پهريان هميشا اليڪشن کانپوءِ ريفارمز جي ڳالهه ٿيندي رهي آهي پر هن دفعي ائين نه ٿيندو. هن چيو ته احتساب کان بغير ملڪ ۾ سٺي تبديلي نه اچي سگھندي مان احتساب جو اهڙو نظام چاهيان ٿو جنهن ۾ احتساب وڏن کان شروع ٿئي ۽ ان کانپوءِ هيٺين درجي وارن جو احتساب ٿئي ۽ ڪوئي به احتساب کان مٿان نه ٿئي سڀ کان اڳ مان پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيان ٿو ان کان پوءِ زرداري ۽ نوازشريف ۽ عمران سميت سڀني جي احتساب جو مطالبو ڪيان ٿو هن چيو ته ڪي پي ڪي موجوده حڪومت جي نتيجي ۾ ڪرپشن جي گھٽتائي ٿي آهي ۽ تعليم صحت ۽ پوليس ۾ بهتري ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. جڏهن ناڻي وارو وزير نئيون قرض وٺي ٿو ته هو سمجھي ٿو مان ڪشمير کي فتح ڪيو آهي جيستائين آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ قومي معيشت جو دارو مدار رهندو تيستائين پاڻ تي دارومدار نه ڪري سگھنداسين. معاشي نظام ۾ بهتري نه ٿي اچي سگھي.

اي پيپر