ڏيهن رات محنت کانپوءِ ملندڙ ڪاميابي ئي انسان جو سڀ کان وڏو امتحان هوندو آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (هه آ) : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مونکي اهو ڏسندي تمام گهڻي خوشي ٿي ته شاگردن نقل ڇڏي محنت سان امتحان ڏئي رهيا آهن. هن شاگردن کي مخاطب ٿي چيو ته انهيءَ جو فائدو توهان کي مستقبل ۾ ملندو، ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي محنت گهربل هوندي آهي. ڏينهن رات محنت کانپوءِ ملندڙ ڪاميابي کي برقرار رکڻ انسان جو سڀ کان وڏو امتحان هوندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ڊي جي سائنس ڪالج ڪراچي جي دوري دوران ڪيو. جتي وڏي وزير ٻڌايو ته آئون به ڊي جي سائنس ڪالج مان تعليم حاصل ڪئي آهي. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري يونيورسٽي ۽ بورڊ نويد شيخ، چيئرمين بورڊ آف انٽرميڊيٽ پروفيسر انعام سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊي جي سائنس ڪاليج امتحاني مرڪز تي شاگردن سان ڳالهائيندي پيپرن جي تياري ۽ پيش ايندڙ مسئلن بابت ڄاڻ ورتي. هن چيو ته امتحاني مرڪزن جو دورو ڪندو رهندس، نقل جي روڪٿام لاءِ امتحاني مرڪزن تي مقرر نگران ٽيمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هڪ جڳهه تي اهو به چيو ته نقل ۾ ملوث ماڻهن سان رعايت نه ڪئي ويندي، نقل بابت جانچ ڪئي پئي وڃي. آخر ۾ وڏي وزير ڊي جي سائنس ڪاليج جي پرنسپل آفيس وڃي پنهنجي شاگردي جي دور جي پرنسپل جو نالو پڻ ڏٺو. انهيءَ کان پهرين اڄ صبح وزيراعليٰ سنڌ پي اي سي ايڇ ايس (PECHS) فائونڊيشن ڪاليج، ڪشمير روڊ جي امتحاني مرڪز جو دورو پڻ ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *