ڀارت سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، سي پيڪ ڪجهه ماڻهن کان هضم نه پيو ٿئي: وزيراعظم

بيجنگ(م ڊ) وزيرعظم نواز شريف چيو آهي ته سي پيڪ ڪجهه ماڻهن کي هضم نه پيو ٿئي، ڀارت سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، سي پيڪ سان پاڪ آمريڪا لاڳاپن جو توازن خراب نه ٿيندو. جهاز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اقتصادي راهداري ۾ ڪو ملڪ شامل ٿيڻ چاهي ٿو ته اهو چين ۽ پاڪستان جي اتفاق راءِ سان ئي شامل ٿي سگهي ٿو. مون سان گڏ چئني وڏن وزيرن جو هتي اچڻ سٺو سنئوڻ آهي. هن چيوته مواصلاتي نظام ۽ روڊن جي تعمير سان ئي ترقي جو رستو هوندو. حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. چار سال گذري ڇڏيا باقي به گذري ويندا. ڪيترائي ماڻهو ٽي وي تي ويهي تبصرو پيا ڪن ته سيپٽمبر ۾ حڪومت وڃي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *