سرحدن تي امن نه ٿيندو ته ترقي خواب بڻجي رهجي ويندي: نواز شريف
May 16, 2017 at 4:13 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو): وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سرحدن تي امن نه ٿيندو ته ترقي خواب بڻجي رهجي ويندي، اها ڳالهه خطمي جي سمورن ملڪن کي سمجهڻ گهرجي، هن چيو ته عوام هاڻي معيشت جي بهتري طرف ڏسي رهيو آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان جي سياسي معاشي ڍانچي ۾ بنيادي تبديلي اچي رهي آهي، هن چيو ته 2 هزار ارب رپيا خرچ ڪري انفرااسٽرڪچر تي رڪارڊ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، بيجنگ کان هانگ ڪانگ ويندي صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته ون بيلٽ ون روڊ فورم تحت مواصلاتي نظام، شاهراهن جي تعمير سان ترقي جو رستو نڪرندو.