مستونگ جهڙا واقعا اسان جو مشن ۽ رستو تبديل نٿا ڪري سگهن: مولانا فضل الرحمان
May 16, 2017 at 4:11 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي امير فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا. ملڪ ۾ جائز حڪمراني جي جدوجهد جاري رهندي. اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته دنيا ڪوشس ڪري رهي آهي ته ڪنهن طرح نوجوانن کي ڏڦيڙ ڏياري رياست جي سامهون آندو وڃي. پاڪستان کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا. مستونگ جهڙا واقعا اسان جو مشن ۽ رستو تبديل نٿا ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته امن جي لاءِ جدوجهد جاري رهندي ۽ اسان ڪامياب ٿينداسين. افتخار محمد چوڌري زخمن تي مرهم رکڻ جي ڪوشش ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو ته حڪومت دهشتگردي خلاف خاص قدم کڻي. هن فضل الرحمان کان مطالبو ڪيو ته هو حڪومت کان قافي فيض عيسيٰ جي رپورٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪيون ٿا ۽ دهشتگردي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.