جيڪب آباد ۾بجلي ۽ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ خلاف تحريڪ انصاف جو ڌرڻو،نعريبازي

جيڪب آباد (ڊ،ر) جيڪب آباد تحريڪ انصاف پاران بجلي ۽ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ظاهرو ضلعي صدر طارق حسين انڙ جي قيادت ۾ ڪڍي شهر جي مختلف روڊ رستن کان ٿيندو ٻيڙري چوڪ تي ڌرڻو هنيو جت ٽائرن کي باهيون ڏيئي سيپڪو خلاف سخت نعريبازي ڪئي، خبر موجب؛ جيڪب آباد تحريڪ انصاف پاران بجلي ۽ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ظاهرو ضلعي صدر طارق حسين انڙ،نائب صدر عبدالحفيظ ،مير اصغر علي لوهر ، سردار جواد سنگ، تعلقه نائب صدرمشتاق احمد سومرو،۽ ٻين جي قيادت ۾ ڪڍي شهر جي مختلف روڊ رستن کان ٿيندو ٻيڙري چوڪ تي ڌرڻو هنيو جت ٽائرن کي باهيون ڏيئي سيپڪو خلاف سخت نعريبازي ڪئي، انموقعي تي مٿين اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سيپڪو ۽ گئس انتظاميه جي ناجائزين خلاف اڄ اسان جو احتجاج آهي جيڪب آباد ايشيا جو گرم ترين شهر آهي اهڙي گرم ترين شهر ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن جي ڪري شهري ننڍا معصوم ٻار سخت پريشان آهن 2018 جي اليڪشن کان اڳ نواز شريف ۽ شهباز شريف جيڪي عوام سان واعدا ڪيا هئا سي سڀ ڪوڙا نڪتا هنن چيو هو ته اسين اقتدار ۾ اچي بجلي جي لوڊشيڊنگ هميشه لاءِ ختم ڪندا سين هن صرف عوام کي ٺلا دلاسا ڏنا آهن هن ٽائيم بجلي جي لوڊشيڊنگ ته پنهنجي جاءِ تي پر لوڊشيڊنگ گھٽ به ڪو نه ڪري سگھيا آهن 4 سالن ۾ هنن عوام کي سواءِ بک ۽ بدحالي جي بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري نه صرف عوام گرمي ۾ مري رهي آهي ۽ اسان جي ڪاروبار کي به وڏو نقصان پهتو آهي اسين پي ٽي آءِ جي پليٽ فارم تان حڪومت کي چتاءُ ٿا ڏيون ته بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ گھٽ نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *