چين جو هڪ خطو هڪ رستو منصوبو سمورن ملڪن جي ايندڙ نسل لاءِ تحفو آهي: نواز شريف
May 15, 2017 at 9:37 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
بيجنگ (اين اين آءِ)وزير اعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته چين جو هڪ خطو هڪ رستو سمورن ملڪن جي لاءِ وڏي اهميت وارو ۽ ايندڙ نسل لاءِ تحفو آهي. ون بيلٽ ون روڊ جي تحت سي پيڪ منصوبو خطي جي سمورن ملڪن لاءِ کليل آهي ان کي سياست جي ور نه چاڙهڻ گھرجي منصوبي جي ڪا به جاگرافيائي سرحد ناهي. اختلافن کا مٿاهون ٿي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تنازن کي حل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. ون بيلٽ ون روڊ وارا قدام دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خاتمي لاءِ هڪ طاقتور جي هٿيار جي طور تي ڄاڻيو ويندو. ون بيلٽ ون روڊ منصوبو ٽن وڏن کنڊن کي ملائيندو. ٺس منصوبا بندي ۽ پڪ پهه اقتصادي راهداري جي مڪمل ٿيڻ جو ضامن آهي جنهن سان معاشي خوشحالي وڌيندي، دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي ڪنٽرول ڪرڻ جي مدد ملندي سي پيڪ سبب سڄي دنيا مان سيڙپڪار پاڪستان ڏانهن ڌيان ڏئي رهيا آهن اميد آهي ته هڪ خطو هڪ روڊ منصوبي سان خطي ۾ موجود ملڪن جي وچ ۾ تڪرارن بدران تعاون کي هٿي ملندي آچر تي بيجنگ ڪوٺايل بيلٽ اينڊ فورم بين الا قوامي تعاون جي تقريب جي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته سي پيڪ ون بيلٽ روڊ منصوبي جو اهم جزو آهي جيڪو پڻ سرحدن جو پابند ناهي ۽ ان منصوبي سان خطي سمورن ملڪن سميت سڄي دنيا جا 65 ملڪ فائدو وٺي سگھندا. وزير اعظم چيو ته بيلٽ اينڊ فورم انعقاد هڪ تاريخي موقعو آهي ۽ اسان هڪ روڊ ويزن جي ڪاميابيءَ جو اعتراف ڪرڻ لاءِ هتي گڏ آهيون هن چيو ته اسان هن وقت جيئو اڪنام دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون بين الا براعظمي جو نئون دور شروع ٿي رهيو آهي. ون بيلٽ ون منصوبو ٽن براعظمن کي ملائيندو. وزير اعظم پاڪستان چيو ته پاڪستان ۾ هن راهداري جا بنيادي ڍانچي جا منصوبا تيزيءِ سان مڪمل ٿي رهيا آهن ۽ اهڙا منصوبا غربت جي خاتمي جا باعث بڻجندا. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي نوجوان نسل جي صلاحيتن سان استفاده ڪرڻ چاهي ٿو هو ته پاڪستان جي 65 فيصد آبادي نوجوان جي طبقي تي مشتمل آهي. وزير اعظم چيو ته سي پيڪ منصوبي جي سبب سڄي دنيا کان سيڙپڪار ڏانهن ڌيان ڏئي رهيا آهن هن اميد ڏيکار ته هڪ خطو هڪ روڊ منصوبي سان خطي ۾ موجود ملڪن ۾ تقرارن بدران تعاون کي هٿي ملندي منصوبي سان ايشيا آفريڪا ۽ يورپ کي ملائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ون بيلٽ ون روڊ منصوبو شاهراه ريشم جي ياد تازه ڪري ٿو. چائينا ريلوي ايڪسپريس منصوبو گڏيل رابطي جي لاءِ پل آهي. وزير اعظم چيو ته سي پيڪ منصوبي ۾ خطي جا سمورا ملڪ شامل ٿي سگھن ٿا. منصوبي سياست ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته هي وقت آهي ته اسان پنهنجي اختلافن کي وساري پر امن ۽ هڪ ٻئي جو خيال رکڻ وارن پاڙيسرن وانگر رهون. وزير اعظم چيو ته هن جي ان فورم ۾ شرڪت ون روڊ جي قدمن جي ڪاميابي جي خوشي کي ملهائن ته ان لاءِ پنهنجو پڪو ڪم ڪرڻو آهي هن اميد ڏيکاري ته هي تاريخي ايوينٽ اقصادي ۽ مالياتي تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن جي لاءِ سالن تائين اهو عمل هلندو هن چين جي صدار جي زن پنگ ۽ چيني قيادت جي ان جي پرجوش ۽ تخليقي قيادت کي وڏن لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان چين جي ان تصور کي ساراهي ٿو ۽ ان راهداري کي سموري خطي لاءِ ترقي جو رستو سمجھي ٿو.