وزيراعظم پاران ڊان ليڪس ڪاميٽي جي گڏيل سفارشن جي منظوري، گهرو وزارت به تصديق ڪري ڇڏي
May 11, 2017 at 8:49 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف ڊان ليڪس ڪاميٽي جي گڏيل سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ گهرو وزارت اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو آھي، جنهن ۾ اڳوڻي وفاقي وزير پرويز رشيد، رائو تحسين ۽ طارق فاطمي خلاف ڪارروائي جي فيصلي واري واڌ به ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم نواز شريف ۲۹ اپريل تي ڊان ليڪس ڪاميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏني ۽ پرويز رشيد کي پهرين ئي عهدي تان هٽايو ويو، نوٽيفڪيشن ۾ پرويز رشيد، رائو تحسين ۽ طارق فاطمي خلاف ڪارروائي واري فيصلي ۾ واڌ ڪندي چيو ويو آهي ته ڪاميٽي ان ڳالهه تي متفق هئي ته رائو تحسين پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو، نوٽيفڪيشن مطابق ڪاميٽي ڊان اخبار، ايڊيٽر ۽ رپورٽر جو معاملو آل پاڪستان نيوز پيپر ايجنسي (اي پي اين ايس) حوالي ڪندي ڪارروائي جي هدايت ڪئي، ذريعن مطابق نوٽيفڪيشن ۾ سيڪيورٽي معاملن تي پرنٽ ميڊيا جو ضابطا اخلاق جوڙڻ تي به زور ڏنو ويو. واضح رهي ته اڄ جاري ٿيندڙ نوٽيفيڪيشن ۾ به اهي سفارشون شامل آهن، جيڪي ان کان اڳ ۲۹ اپريل ۾ جاري ٿيندڙ نوٽيفيڪشن ۾ شامل هيون.