آءِ ايس پي آر ڊان ليڪس بابت پنهنجو ٽوئيٽ واپس وٺي ڇڏيو

 اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وچ ۾ ملاقات کانپوءِ آءِ ايس پي آر ڊان ليڪس بابت پنهنجو ٽوئيٽ واپس وٺي ڇڏيو آهي، آءِ ايس پي آر پاران وضاحت ڪئي وئي آهي ته ڊان ليڪس بابت ۲۹ اپريل جو ٽوئيٽ ڪنهن سرڪاري آفيسر يا شخصيت جي حوالي سان نه هو، ڊي جي آءِ ايس پي آر آصف غفور باجوا چيو آهي ته جاچ ڪميٽي جي رپورٽ جي پيرا ۱۸ ۾ جيڪا سفارش ڪئي وئي هئي، وزيراعظم پاران ان کي منظور ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي ڊان ليڪس جو معاملو حل ٿي ويو آهي، هاڻي هي ٽوئيٽ بي معنيٰ آهي، سندس چوڻ هو ته فوج پاڪستان جي آئين جي
بالادستي واري عزم جو عهد ڪري ٿي ۽ فوج جمهوري عمل جي پٺڀرائي ڪري ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *