وزيراعظم کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير به جيڪب آباد جي لاءِ هڪ ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

جيڪب آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي جيڪب آباد جي دوري دوران جيڪب آباد جي لاءِ هڪ ارب جو اعلان خوش آئينده نڪتو وزيراعظم جي اعلان کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير به جيڪب آباد جي لاءِ هڪ ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو اهي ٻه عرب عوام جي فلاح بهبود ۽ ترقياتي ڪمن جي لاءِ استعمال ٿيندا يا اڳوڻن فنڊن وانگر چونڊيل نمائندن جي کيسي جي خرچي ٿيندا. تفصيل موجب گذريل مهيني وزيراعظم پاڪستان ميان محمد نوازشريف جيڪب آباد جي دوري دوران ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي جيڪب آباد جي ترقياتي ڪمن لاءِ هڪ ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو انهيءَ اعلان کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير به جيڪب آباد جي چونڊيل نمائندن سان ڪوٺايل اجلاس ۾ جيڪب آباد جي ترقياتي ڪمن لاءِ هڪ ارب رپين جو اعلان ڪيو اهو اعلان جيڪب آباد جي عوام جي خوشقسمتي آهي ته وزيراعظم جيڪب آباد اچي هڪ ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو جيڪڏهن هو جيڪب آباد نه اچي ها ته هڪ ارب رپين جو اعلان نه ٿئي ها ۽ ان جي اعلان سان سنڌ ۾ 10 سالن کان اقتدار ۾ رهندڙ پيپلزپارٽي کي مجبورن اعلان ڪرڻو پيو جنهن پارٽي کي 10 سالن ۾ جيڪب آباد جي عوام تي رحم نه آيو اها وزيراعظم جي اعلان کان پوءِ جيڪب آباد جي عوام تي اهڙي حالت تي رحم کائي هڪ ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ڏسڻو هي آهي ته اهي ٻئي ارب ڪيئن خرچ ٿيندا تجزيه نگارن چيو آهي ته اهي ٻئي ارب عوامي ڀلائي يا ترقياتي ڪمن تي خرچ نه ٿيندا پر اهي پنهنجي پنهنجي پارٽين جي انهن اميدوارن جي اليڪشن جو خرچ آهي. جيڪي اميدوار مستقل 2018 جي عام چونڊن ۾ حصو وٺندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *