مردم ۽ خانه شماري جي معلومات تائين بروقت رسائي ڏني وڃي: ڊاڪٽر سڪندر شورو

ڪراچي(هه آ) انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت وڏي وزير جي معاون خصوصي ڊاڪٽر سڪندر شورو چيو آهي ته موجوده مردم ۽ خانه شماري سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي پر سنڌ جو غيور عوام ان سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر سطح تي آواز بلند ڪندو رهندو. معلومات تائين رسائي اسان جو جمهوري حق آهي اسان کي مردم ۽ خانه شماري جي سموري معلومات بروقت ملڻ گهرجي ته جيئن شڪايت جو فوري ازالو مڪمن ڪري سگهجي. اها ڳالهه هن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پوائنٽ آف آڊر تي ڳالهائيندي چئي. ڊاڪٽر سڪندر شورو وڌيڪ چيو ته اسان جي اعتراضن کي وفاقي ادارو شماريات جاچ ڪندو جيڪو صوبائي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته مردم ۽ خانه شماري لاءِ وقت کي وڌيڪ وڌائڻ گهرجي ته جيئن ان کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *