سپريم ڪورٽ عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ ۽ گوشوارن جا تفصيل گهري ورتا

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي نااهلي بابت درخواستن تي جمعي تائين جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ۲۰۰۲ع جي نامزدگي ڪاغذن سميت گوشوارن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ۳ رڪني بئنچ عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي لاءِ حنيف عباسي جي درخواستن جي شنوائي ڪئي. ٻڌڻي جي موقعي تي عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري جو چوڻ هو ته عمران خان طرفان بيان حلفي جمع ڪرائي رهيو آهيان، عدالت ۽ اڪرام شيخ ان جو جائزو وٺن جڏهن ته لنڊن فليٽس کان نيازي سروسز جي فعال ٿيڻ تائين سمورا دستاويز ڏيندس. نعيم بخاري عدالت کي ٻڌايو ته ۱۳ تاريخ کان ويجهي دوست جي ٽرانسپلانٽ لاءِ لنڊن وڃڻو آهي ان ڪري ۱۰ ڏينهن عدالت ۾ اچي نه سگهندس پر وڃڻ کان اڳ ۴۵ منٽن ۾ پنهنجا دليل مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس جنهن تي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ممڪن آهي ته ۴۵ منٽ رڳو پرڏيهي ڪمپنين جي قيام ۽ ڪم ڪرڻ تي لڳي وڃن. نعيم بخاري چيو ته غيرملڪي فنڊنگ بابت شاهديون پيش ڪرڻ منهنجو ڪم ناهي جنهن تي تحريڪ انصاف جي هڪ ٻئي وڪيل انور منصور چيو ته فنڊنگ جي معاملي تي عدالت جي معاونت ڪندس. نعيم بخاري چيو ته درخواستن تي جواب ڏيڻ لاءِ وقت گهرجي جنهن تي عدالت نعيم بخاري کي جمعي تائين جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪندي عمران خان جي ۲۰۰۲ع جي نامزدگي ڪاغذن سميت گوشوارن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *