مذهبي جنونيت، انتهاپسندي، بيچيني جهڙن مسئلن جو حل صوفي ازم ۾ آهي؛وڏو وزير

ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته الله سائين انسانن ۾ ۽ سندس بڻايل مخلوق ۾ رهندو آهي، جيڪڏهن اوهان پنهنجي خالق الله پاڪ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته بڻايل مخلوق نه رڳو انسان بلڪه پکين، جانورن، ٻوٽن سميت پوري ڪائنات جو احترام ڪرڻ گهرجي. اهي ڳالهيون هن اڄ ثقافت کاتي پاران مقامي هوٽل ۾ رٿيل ٽئين ”صوفي ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي ڪيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ثقافت کاتي ۽ خاص طور تي صوبائي ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه کي وڌايون ڏنيون ته انهن هڪ خوبصورت ڪانفرنس گهرائي. جنهن ۾ اسڪالر وڌندڙ مذهبي جنونيت جي مسئلن، مختلف ثقافتن ۽ معاشرن ۾ بيچيني جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته مذهبي جنونيت، انتهاپسندي، بيچيني جهڙن مسئلن جو حل صوفي ازم ۾ آهي، جيڪڏهن ان تي اصل روح مطابق عمل ڪيو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، انڪري ان کي سکڻ لاءِ ۽ تصوف امن ۽ ڀائيچاري جو گهر چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي مختلف مذهبي، ثقافتي ۽ ٻولين جا ماڻهو شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمت،  شاهه عنايت شهيد ۽ ڪيترن ئي ٻين صوفين جي ڇانو ۾ پر امن طريقي سان رهندا آهن، انهن صوفين پنهنجي پيار ، محبت ۽ اخوت سان اسلام ۽ انسانيت جي خدمت ڪئي آهي. هن چيو ته تصوف سان منهنجي ويجهڙائي ڪجهه وڌيڪ آهي، ڇاڪاڻ ته آئون لعل شهبار قلندر جي ڌرتي سيوهڻ شريف کان تعلق رکندڙ آهيان، جيڪو انسانيت جو عظيم مبلغ آهي. صوفي ازم بابت ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ان ۾ ماڻهن کي مختلف عقيدن ۽ مذهبن جي احترام جو درس ڏنو ويو آهي. صوفي ازم سچائي ۽ خدا سان لاڳاپي جي هڪ خاصيت آهي. هن وڌيڪ چيو ته صوفي ازم ۾ بنا ڪنهن تفريق ۽ فرق جي انسانيت جي خدمت ۽ پيار جو سبق شامل آهي. هن چيو ته صوفي ازم جو مطلب آهي ته پيار ۽ توجهه ۽ چاهه سان سچائيءَ ڏانهن وڌڻ گهرجي. هن چيو ته صوفي اڪرام ان ڳالهه تي يقين رکندا آهن ته الله سائين انسانن ۾ ۽ پنهنجي مخلوق ۾ رهندو آهي ۽ اها اسان جي اسلام جي تعليم به آهي. هن چيو ته اوهان پنهنجي خالق جي خوشنودي چاهيو ٿا ته اوهان کي ان جي مخلوق انسان ئي نه بلڪه پکين، جانور، ٻوٽن سميت سڄي ڪائنات جو احترام ڪرڻ گهرجي ته پوءِ اوهان الله تعاليٰ کي ڳولي سگهندا. وڏي وزير چيو ته جڏهن مذهبي انتهاپسندي سڀني معاشرن بي چيني پيدا ڪري ڇڏي هئي ۽ ان سان سموري دنيا متاثر ٿي، انڪري هن صوفي ازم ۾ يقين رکندڙ تي زور ڀريو ته هُو مختلف معاشرن ۽ ثقافتن جو دورو ڪن ۽ ماڻهن کي امن، برداشت، پيار، اخوت جي فروغ جي تعليم ڏين. انهيءَ کان پهرين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي آجيان ڪئي، جنهن صوفي ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *