پابندي باوجود سياستدان عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائڻ لڳا، چيف جسٽس پاران ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس ثاقب نثار پاران منع ڪرڻ جي باوجود عدالتي آڳر ۾ ميڊيا سان ڳالهائڻ تي چيف جسٽس ڪاوڙجي پيو، چيف جسٽس چيو آهي ته حڪم باوجود اهڙو عمل ٻيهر ڪرڻ وڏي بدقسمتي آهي، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي پاران عمران خان ۽ جهانگير ترين خلاف داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي حنيب عباسي جي وڪيل اڪرم/ شيخ جو چوڻ هو ته ميڊيا سان ڳالهائڻ تي منع ڪرڻ باوجود نعيم الحق عدالتي آڳر ۾ ميڊيا سان ڳالهايو، جنهن تي چيف جسٽس پنهنجا ريمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ آمريڪي اسڪالر چيو هو ته سياسي گند کي عدالتي لانڊري ۾ نه ڌوئڻ گهرجي، پر معاملا عدالت ۾ اچي چُڪا آهن، اسان انهن کي مناسب طريقي سان کڻي هلنداسين، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالت ۾ ڳالهائڻ لاءِ سڀ کان بهترين شخص وڪيل هوندو آهي، هر ماڻهو کي پنهنجي راءِ جو اظهار عدالت اندر ڪرڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *