سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اڳ ئي جاگيردار وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن؛شاد کوسو

May 5, 2017 at 8:10 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي ( پ، ر) سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اڳ ئي جاگيردار وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن ، ويتر موجودھ سنڌ سرڪار ڏنڊي ۽ رشوت جي زور تي جاگيردارن کي پيپلز پارٽي جي نالي تي منظم ڪري سنڌ کي وڌيڪ تباھ ڪرڻ گهري ٿي، پيپلز پارٽي هاڻي عوامي نه پر جاگيردارن جي فيڪٽري بڻجندي پئي وڃي، جاگيردارن جي منظم ٿيڻ سان سنڌ ڏيوالو نڪري ويندو، اهڙو اظهار سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين شاد کوسو، پروفيسر سچل ڪلوڙ، ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ، الطاف مهر، غلام رسول مارفاڻي،احمد سومرو، وزير بهلڪاڻي ۽ ٻين پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو، هنن وڌيڪ چيو ته ننڊا وڏا جاگيردار مير پير عوامي معاملن نه پر ڪرپشن ڪري مال ميڙڻ خاطر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن، اسماعيل راهو جو به پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ ڪرپشن جي بازار مان حصو اوڳاڙڻجي ڪڙي آهي، پارٽي جي ميڊيا سيل تان جاري ڪيل بيان ۾ هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪنهن به شئي جو وجود آهي، سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ڦورن جو راڄ آهي، ڪنڌڪوٽ مان ڏينهن ڏٺي ٻن هندو نوجوانن وڪاش ڪمار ،ڪانتيش ڪمار سميت ٻين شهرن مان شهرين جي اغوا جا واقعا ان جو چٽو ثبوت آهن، هنن وڌيڪ چيو ته هڪ منظم سازش تحت سنڌ ۾ صدين کان رهندڙ هندن کي ٽارگيٽ ڪري اغوا ڪري سنڌ جي ڪاروبار کي تباھ ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، هنن چيو ته ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل هندو نوجوانن جي اغوا واري معاملي کي ٽي ڏينهن گذري ويا آهن پر سنڌ سرڪار انهن جي بازيابي لاءَ ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو جيڪو عمل انتهائي مذمت لائق آهي، هنن گهر ڪئي ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل نوجوانن کي ڦوري بازياب ڪرايووڃي،

اي پيپر