ڊاڪٽر عاصم پرڏيهه وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

ڪراچي(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين پرڏيهه وڃڻ لاءِ پنهنجي هوائي سفر جي ٽڪيٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. اي سي ايل مان نالو خارج ڪرڻ جي حوالي سان داخل درخواست جي شنوائي دوران ڊاڪٽر عاصم حسين پنهنجي وڪيل معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هوائي سفر جا تفصيل ۽ ٽڪيٽ جي ڪاپي جمع ڪرائي. ٽڪيٽ مطابق ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽر عاصم حسين پنهنجي گهرواري سان گڏ عنديفڳنيد مئي تي لنڊن روانو ٿيڻو هو ۽ کيس ۱۵ ڏينهن ترسڻ بعد ۲۲ مئي تي وطن واپس پهچڻو هو. جڏهن ته جسٽس محمد جنيد غفر جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ ڄاڻايل ڪيس جي شنوائي ۹ مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *