ڪراچي(م ڊ) سنڌ پوليس جي ترجمان پڌرو ڪيو آهي ته ضلعي عمر ڪوٽ جي ڪنري ٿاڻي ۾ خانگي ماڻهن جي منفي ورتاءَ جي معاملي تي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا سخت ايڪشن وٺندي ايس ايڇ او ڪنري کي خانگي همراهه کان معافي گهرڻ تي سندس عهدو گهٽائي کيس معطل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊي ايس پي کي معطل ڪندي فوري طور تي سينٽرل پوليس آفيس طلب ڪري ورتو آهي.