ادارن ۾ ايڊهاڪ ازم جي ڪا گنجائش ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو)  چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ادارن ۾ ايڊهاڪ ازم جي ڪا گنجائش ناهي ۽ جيڪو ڪنهن جي حڪم جو محتاج هجي اهو آزاداڻي نموني ڪيئن ڪم ڪندو. رپورٽ مطابق سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي صدارت هيٺ اسلام آباد جي اسپتالن ۾ بي ضابطگين بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار ڊاڪٽر طارق موقف اختيار ڪيو ته پمز، پولي ڪلينڪ، نيرم ۽ هوٽا جهڙا ادارا سربراهن کانسواءِ هلايا پيا وڃن، سمورن ادارن ۾ عارضي طور تي سربراهه مقرر ڪيا ويا آهن، ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي اڪائونٽس ۾ مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ ايڇ اي سي جي گرانٽ گذريل ٽن سالن کان رجسٽرار ڊاڪٽر امجد جي ذاتي اڪائونٽ ۾ وڃي ٿي ۽ اڪائونٽ مان رقم اي ٽي ايم ۽ ڪيش جي صورت ۾ ڪڍي وڃي ٿي. عدالت رجسٽرار ڊاڪٽر امجد جو بئنڪ اسٽيٽمينٽ طلب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ادارن جي سربراهن جي مقرري ڪڏهن ٿيندي، سرڪاري ادارن جي اڪائونٽن مان روڪ رقم ڪڍڻ سمجهه کان ٻاهر آهي جڏهن ته ادارن ۾ ايڊهاڪ ازم جي ڪا به گنجائش ناهي ۽ جيڪو ڪنهن حڪم جو محتاج هجي اهو آزاداڻي نموني ڪم ڪيئن ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *