حيدرآباد(بيورو) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي نائب صدر ۽ سينيئر صحافي خالد کوکر چيو ته اسان حڪمرانن کي خبردار ڪرڻ چاهيون ٿا ته بنا ڪنهن ثبوتن ۽ ڏوهه جي ڊان اخبار سميت ڪنهن به ميڊيا اداري جي خلاف ڪابه ڪارروائي ڪئي وئي ته سڄي ملڪ جا صحافي سراپا احتجاج ٿي ويندا، صحافت جي آزادي ۽ صحافي ورڪرن جي معاشي قتلام خلاف سڄي ملڪ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن صحافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پي ايف يو جي پاران صحافت جي آزادي واري ڏهاڙي کي ڊان ميڊيا گروپ سان يڪجهتي طور ملهائڻ جي سلسلي ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس طرفان پريس ڪلب سامهون ڪڍيل ريلي ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن شعبي پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ “صحافت جي آزادي ۽ اڄ جي صورتحال“ جي عنوان هيٺ ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪومتون ڪڏهن به نه چاهينديون ته ميڊيا آزاد هجي، حڪمران پنهنجون نااهليون لڪائڻ لاءِ ميڊيا جي ادارن تي بندشون هڻڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڊان ليڪس واري معاملي ۾ اخبار ۽ صحافين سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي. حڪمران ڊان اخبار جي خبر کي ڪوڙ به نٿا چون ۽ نه ئي اُن کي ڪوڙ تي ٻڌل خبر ثابت ڪري سگهيا آهن، پر تنهن هوندي به حڪمران ڊان اخبار، ان جي رپورٽر ۽ ايڊيٽر خلاف ڪارروائي جو سوچي رهيا آهن، اسان حڪمرانن کي خبردار ڪرڻ چاهيون ٿا ته بنا ڪنهن ثبوتن ۽ ڏوهه جي ڪنهن به ميڊيا اداري جي خلاف ڪابه ڪارروائي ڪئي وئي ته سڄي ملڪ جا صحافي سراپا احتجاج ٿي ويندا، صحافت جي آزادي ۽ صحافي ورڪرن جي معاشي قتلام خلاف سڄي ملڪ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. ان موقعي تي سينيئر صحافي لالا رحمان سمون چيو ته صحافت جو شعبو تمام گهڻو خطرناڪ آهي، هن شعبي ۾ اچڻ لاءِ وڏي دل گهرجي ٿي، ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جا شاگرد اِها ڳالهه پنهنجي ذهن ۾ رکن ته هن شعبي ۾ تمام گهڻيون ڏکيائيون آهن، پر صحافت ذريعي ئي عوام جي خدمت ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته هن وقت پوري پاڪستان جي صحافت ڏکي دور مان گذري رهي آهي، هڪ خبر جيڪا صحافيءَ پنهنجي درست ذريعن ۽ ثبوتن موجب هلائي هئي، جنهن کي حڪومت غلط به ثابت نه ڪري سگهي آهي يا من گهڙت ثابت نه ڪري سگهي آهي، پر تنهن هوندي به آزاد صحافت تي بندش هڻڻ جي لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن، اسان ڪنهن به سازش جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين، بناجواز ڪنهن به ميڊيا هائوس خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ته سڄي ملڪ جا صحافي سراپا احتجاج هوندا. هن چيوته حڪومت پاران اي پي اين ايس کي ڊان اخبار خلاف ڪارروائي لاءِ لکيو ويو آهي، جڏهن ته خبرن جي حوالي سان ڪائونسل آف پريس ٺهيل آهي. جڏهن ته اي پي اين ايس کي ڪنهن به اداري خلاف ڪارروائي جو ڪو به حق نه آهي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز جي چيئرمين بدر سومرو چيو ته اسان پنهنجي شعبي اندر جديد صحافتي گهرجن موجب تبديليون آڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ۲۰۱۸ع واري نئين نصاب ۾ نيون شيون شامل ڪنداسين ته جيئن شاگرد کي صحافت جي نون لاڙن کان آگاهه ڪري سگهجي. هن چيو ته ڊپارٽمينٽ اندر فوٽو اسٽوڊيو توڙي ايف ايم شروع ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون، ڇوته جديد صحافت جي رجحانن ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي ترقيءَ کي نظر ۾ رکندي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز واري شعبي کي جديد بڻائڻو پوندو. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر جئه پرڪاش موراڻي چيو ته صحافت هڪ پروفيشنل شعبو آهي، اُن ڪري صحافت کي پڙهندڙ شاگردن کي عمل صحافت ڪندڙ صحافين سان ڳانڍاپو جوڙڻ گهرجي ته جيئن سندن ذهن ۾ اِهو خيال پيدا ٿئي ته زميني حقيقتن ۽ حالتن موجب صحافت ڪيئن ٿئي ٿي. هن چيو ته هن وقت سوشل ميڊيا انتهائي طاقتور ميڊيا بڻجي چڪي آهي، اُن ڪري سوشل ميڊيا جي درست استعمال طرف سوچڻ جي ضرورت آهي. سينيئر صحافي سهيل سانگي چيو ته اڄ صحافت جي آزادي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، اسان به اُن صحافت جي آزاديءَ واري آواز ۾ پنهنجو آواز ملايو آهي، صحافت جو مطلب عوام جو آواز بڻجڻ آهي، مظلوم طبقن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ وارو ڪم صحافي ڪن ٿا. هن چيو ته صحافت جي آزادي ۾ ئي جمهوريت جي بقا ۽ عوامي مسئلن جو حل آهي. هن چيو ته پاڪستان اندر صحافي انتهائي خراب صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن.سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو ته صحافت کي ڪيترائي سال ڏنا آهن، صحافت ۾ اچڻ کي اسان پنهنجي خوش قسمتي سمجهون ٿا. هن چيو ته ۱۹۸۳ع جي دور کانپوءِ جيڪي ماڻهو صحافت جي ميدان ۾ آيا، انهن سنڌي صحافت کي نواڻ ڏني هنن صحافت هجڻ وارو سماج اندر جواز پيدا ڪيو. هن چيو ته جڏهن مسڪين هارين، پورهيتن ۽ مزدورن جو آواز اخبارون بڻيون، تڏهن ئي اُهي اخبارون اڳتي وڌيون. هن چيو ته اڄ جو دور جديد صحافت جو دور آهي، صحافين کي نئين ٽيڪنالوجي ۽ صحافت جي جدت کي اپنائڻو پوندو. حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر وسيم خان چيو ته ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز جي شاگردن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هو هن شعبي ۾ مستقل بنيادن تي رهندا، شاگردن کي ميڊيا جي ادارن، پريس ڪلبن ۽ صحافت ڪندڙ صحافين سان رابطو قائم ڪرڻ گهرجي ته جيئن سندن صحافتي تعليم ۽ زميني حقيقتن کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ ڊاڪٽر اشوٿاما، يعقوب سومرو، رمضان شورو، سينيئر صحافي ايوب لغاري، ڊاڪٽر بشير احمد ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي نائب صدر خالد کوکر، ميمبر ايف ايس سي ۽ سينيئر صحافي لالا رحمان سمون، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر جئه پرڪاش موراڻي، اقبال ملاح، ايوب لغاري، ظفر هڪڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي.