سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ کي عهدي تان هٽائڻ بابت حڪم امتناع ۾ واڌ
May 3, 2017 at 7:06 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (اين اين آءِ)سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي اي ڊي خواجه کي عهدي تان هٽائڻ بابت حڪم امتناع ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي اڱاري تي سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي عهدي تان هٽائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ان موقعي تي درخواست ڪندڙ جي وڪيل فيصل صديقي جي ساٿي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته فيصل صديقي بيمار آهي ان ڪري هو پيش نه ٿي سگهندو جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته اهو اهم مسئلو آهي درخواست پوليس رول جي خلاف داخل ڪئي ويئي هئي ان ڪري ڪيس هلايو وڃي جڏهن ته آءِ جي سنڌ ۽ وڏي وزير ۾ پيشيورانه لاڳاپا ٺيڪ نه آهن جنهن سان ٻيا معاملا متاثر ٿي رهيا آهن عدالت ريمارڪس ڏنا ته درخواست ڪندڙ کان سواءِ ڪارروائي اڳتي نٿي وڌائي سگهجي عدالت آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ بابت حڪم امتناع ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اربع کان درخواست جي ٻڌڻي روزانو جي بنياد تي ٿيندي.