ڪراچي ڊويزن ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي رپورٽ تي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ نوٽيس ورتو

ڪراچي (هه آ) وزيراعليٰ سنڌ جي اقليتي معاملن بابت معاون خصوصي ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ ڊپٽي ڊائريڪٽر اقليتي معاملا ڪراچي ڊويزن جي ڪنٽريڪٽر خلاف جاري رپورٽ جو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو رپورٽ جو جائزو وٺي ۽ جيڪڏهن لاڳاپيل ڪنٽريڪٽر ڪنٽريڪٽ خلاف ورزي ڪئي آهي ته سندس خلاف قاعدن ضابطن مطابق سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. واضح رهي ته اقليتي معاملن واري کاتي ڪراچي ڊويزن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪراچي ۾ جاري پنج ترقياتي اسڪيمن جو دورو ڪيو جنهن ۾ گڏاپ ٽائون ۾ زير تعمير مندر ڀڳوان شري ڪرشن، گلشن معمار ۾ واقع نجواڙا هندو پنچائت جي تزئين ۽ آرائش، هندو ڪالوني آدم ڳوٺ سک ڪميونٽي جي زير التوا ڪمن، ماڙيپور ۾ واقع شاندار ڀولبنات مندر جي تزئين ۽ آرائش ۽ ڇت، ڪيچن، قبرستان جي ڀت جي تعمير ۽ هزاره ڪالوني ۾ واقع سينٽ اسٽيفن چرچ جي مرمت ۽ تزئين و آرائش شامل آهن. ڊپٽي ڊائريڪٽر جي رپورٽ مطابق لاڳاپيل اسڪيمن جي ٺيڪيدار منصوبن کي مڪمل ڪرڻ سنجيده نظر نٿو اچي ۽ سندس بي ڌياني جي ڪري منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۾ دير ٿي سگهي ٿي ان لاءِ ادائيگي کي روڪي سندس خلاف ضروري ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *