ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي پورهيتن جي اڻٿڪ ڪوششن کانسواءِ ممڪن نه آهي: ممنون حسين

اسلام آباد(بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي پورهيتن ۽ هنرمندن جي اڻٿڪ ڪوششن کانسواءِ ممڪن نه آهي، مون کي يقين آهي ته سمورين ڌرين جي تعاون ۽ مدد سان اسان پنهنجي پورهيتن لاءِ بهتر معيار زندگي حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ انهن لاءِ ترقي جي برابر موقعن ۽ حقن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهون ٿا، شڪاگو جي شهيدن ڏاڍ، استصال ۽ ناانصافي خلاف جدوجهد ۾ قربانيون ڏنيون. صدر اهڙن خيالن جو اظهار مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جيڪو اڄ سومر ڏينهن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ڪيو آهي. صدر چيو ته مزدورن جو عالمي ڏهاڙو هڪ اهڙو موقعو آهي جنهن تي اسان ڪم ڪندڙ مرد ۽ عورتن جي خدمتن کي ساراهيون ٿا جيڪي ملڪ جو هڪ اهم ٿنڀ آهن، هي ڏينهن شڪاگو جي شهيدن جي ياد تازي ڪري ٿو جن ڏاڍ، استحصال ۽ ناانصافي خلاف جدوجهد ۾ قربانيون ڏنيون، هن ڏينهن اسان پاڪستاني مزدورن ۽ پورهيتن کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪي قومي تعمير ۾ پنهنجو قيمتي حصو وجهن ٿا. صدر چيو ته هي ڏينهن پاڪستاني افرادي قوت جي ڪردار، ان جي لگن ۽ عزم جي علامت طور ملهايو وڃي ٿو جن پاڪستان کي دنيا ۾ هڪ باوقار ۽ ترقي پسند قوم بڻائڻ طرف گامزن ڪيو. پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته حڪومت پورهيت طبقي جي مسئلن ۽ انهن جي ضرورتن کان آگاهه آهي ۽ پنهنجي ان قيمتي قوت جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهي. پاڪستاني پورهيت طبقو پنهنجي ترقي پسند موقف ۽ پيداواري صلاحيت جي بنياد تي اهم حيثيت رکي ٿو، ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي ان اهم افرادي قوت جي اڻٿڪ ڪوششن کانسواءِ ممڪن نه آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *