۴ مئي تي منارا پاڪستان وٽ گڏ ٿي شهباز شريف جي خواهش پوري ڪنداسين: قمر زمان ڪائرا

لاهور((م ڈ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته نواز شريف جا ڏينهن هاڻي پورا ٿي چڪا آهن، پيپلز پارٽي ۴ مئي تي منجهند جو ۲ بجي منارا پاڪستان وٽ گڏ ٿي شهباز شريف جي خواهش تي ان جو نالو تبديل ڪرائيندي، پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا يوم مزدور ڊي جي تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن جڏهن حڪومت ۾ اچي ٿي ته پنهنجا نواز پاليسي تحت منافع ڏيندڙ ادارن جي دوستن کي نوازي ٿي، پر هاڻي ميان صاحب جا ڏينهن پورا ٿي چُڪا آهن، هاڻي ڪا به ميان صاحب جي ڳالهه نه ٻڌي ويندي، هاڻي ان کي گهر وڃڻو ئي پوندو، هن چيو ته شريف ڀائر ڪيستائين پنهنجي ڪيل چورين جا رڪارڊ ساڙيندا رهندا، هنن کي خبر ئي ناهي ته انهن جي چورين جو رڪارڊ عالمي ادارن وٽ موجود آهي، هاڻي پيپلز پارٽي اها تحريڪ هلائيندي جو انهن کي گهر وڃڻو ئي پوندو. قمر زمان ڪائرا چيو ته عدالت شريف ڀائرن کان پڇاڻو ڪري رهي آهي ته پئيسا ڪٿا آيا ۽ شريف ڀائر مختلف ڪوڙيون ڪهاڻيون ٺاهي رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *