ڪراچي ۾ مڪاني نظام ٺيڪ نه هوندو ته معاملا خراب ئي رهندا: عمران خان

ڪراچي(م ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ مڪاني نظام ٺيڪ نه هوندو ته معاملا خراب ئي رهندا، ملڪ ۾ تبديلين جي ضرورت آهي. ڪراچيءَ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ميئر وسيم اختر جيڪي اختيار گهري رهيو آهي اهي بلڪل ٺيڪ آهن، سڄو شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي. هن چيو ته ڪراچي جي انتظاميه ٺيڪ هوندي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، وسيم اختر جيڪي اختيار گهري رهيو آهي اهي ڪي پي جي مڪاني ادارن جي نمائندن کي ڏنا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته مڪاني ادارن جي چونڊ ته ڪرائي وئي پر اختيار نه ڏنا ويا آهن، ڪراچيءَ ۾ اختيار هيٺين سطح تي منتقل نه ڪرڻ جو مقصد رقم پاڻ وٽ رکڻ آهي. عمران خان چيو ته جيڪڏهن پاڻ کي ٿورو تبديل ڪيو وڃي ته ملڪ ٺيڪ ٿي ويندو، ڪراچي شهر پاڪستان جي دل آهي. هن چيو ته ڪي پي جي شهر گليات ۾ وڃبو ته لڳندو ڄڻ ماڻهو يورپ ۾ اچي ويو آهي. هن چيو ته ڪهڙي دنيا ۾ ايم اين اي ۽ ايم پي اي ترقياتي ڪم ڪرائيندا آهن. سندس چوڻ هو ته اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي ڪراچي لاءِ تمام گهڻي ضروري آهي. عمران خان چيو ته ڪراچي ۾ سڀ کان پهرين پوليس جو نظام ٺيڪ ڪيو وڃي، ڪي پي پوليس ڏسي فخر ٿيندو آهي.هن چيو ته پوليس کان توهان جڏهن غلط ڪم ڪرائيندا ته اها پاڻ ئي غلط ڪم ڪندي، اي ڊي خواجه به چيو ته کيس ڪي پي وارو پوليس جو نظام گهرجي. سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ سندن قيادت تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، جيڪو پي ٽي آءِ ۾ اچي ٿو مٿس ڪيس داخل ڪيو ويندو آهي. عمران خان چيو ته ڪي پي حڪومت جي پوليس ۾ ڪابه مداخلت ناهي. هن چيو ته سياسي مداخلت هوندي ته پوليس ڪيئن سٺو ڪم ڪري سگهندي. سندس چوڻ هو ته هن چئن سالن دوران ڪو به سفارشي ڊاڪٽر ڀرتي نه ڪيو آهي. عمران خان چيو ته جيڪڏهن نظام ٺيڪ نه ڪيو ويو ته اڳتي هلي وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندا. پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته آءِ جي کي خبر ئي ناهي هوندي ۽ ڊي ايس پي ڀرتي ٿي ويندا آهن. هن چيو ته سندس مالدار ڪرڪيٽر دوستن اسپتال لاءِ مدد نه ڪئي پر واپارين ڀرپور سهڪار ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *