ايجنسيون حساس ادارن کي محفوظ نه ٿيون ڪري سگهن ته انهن جي ڪارڪردگي سواليا نشان آهي: چوڌري نثار
May 2, 2017 at 1:09 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير کي حساس ادارن رپورٽ ڏني ته يوم مزدور ڊي جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪيو، ڇو جو ان تقريب ۾ دهشتگرديءَ جو خطرو آهي، جڏهن ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حساس ادارن جي سيڪيورٽي بهتر نه ٿي ڪري سگهجي ته ايجنسين جي ڪارڪردگيءَ تي سواليا نشان آهي، چوڌري نثار چيو ته جيڪڏهن پي او ايف جا مزدور محفوظ ناهن ته پوءِ اسان کي به پنهنجي جان جي پرواهه ناهي، هن چيو ته ڪيترن سالن کان پي او ايف جي مزدورن پاران اها تقريب ڪوٺائي ويندي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ روڪي نه ٿي سگهجي ۽ اڄ به اها تقريب پروگرام موجب ٿيندي ۽ مان ان ۾ شرڪت ضرور ڪندس.