ڪراچي (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مئي جو ڏهاڙو ملهائڻ اصل ۾ ان مزدورن ۽ پگهارن وارن کي خراج عقيدت ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي، ان سان گڏ اهو به عهد ورجائڻو آهي ته انهن جي وقار جو تحفظ ڪيو وڃي، ملڪ جي مزدورن کي باعزت روزگار جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، هن اهو به عهد ڪيو ته خانگائڻ جي نالي تي ملازمن کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، هن چيو ته پ پ خانگائڻ واري عمل تي نظر رکي آهي، حڪومت کي اها اجازت نه ڏني ويندي ته خانگائڻ جي نالي تي مزدورن کي بيروزگار ڪيو وڃي، هن چيو ته پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو مزدورن سان واعدو ڪيو هو ته انهن جي نوڪري جو تحفظ، مناسب پگهارون ۽ انهن جي وقار جي حق لاءِ معاشري ۾ ان کي جائز مقام ڏيارڻ لاءِ انهن سان گڏ آهي، هن چيو ته مزدورن جي ڪم ڪرڻ جي حالت ۾ بهتر آڻڻ ۽ پارٽي ان مسلسل عمل ۾ مزدورن سان گڏ جدوجهد ڪندي رهندي.