عمران خان هر جڳهه ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، اهو ڪو شهر ته ڇڏي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (بيورو): مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڪرپشن جي خاتمي جا ڪوڙا نعرا لڳائڻ ۽ ٻين صوبن جو ٺيڪو کڻڻ بند ڪري ۽ پهريون ڪي پي ڪي ۾ احتساب ڪميشن جو تالو کولي، عمران خان جيڪراچي پهچڻ بعد ڏنل بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه ڪا جڳهه ۽ شهر ته ڇڏي، جتي وڃي ڪوڙ نه ڳالهائي، هن چيو ته تحريڪ انصاف سربراهه ان جو نالو ٻڌائي جنهن کان ڪوڙا الزام ۽ انتشار ڦحلائڻ لاءِ 10 ارب رپيا ورتا، جيڪڏهن عمران خان جي اي ٽي ايم پئسا ۽ جهاز ڏيڻ بند ڪري ڇڏين ته انهن جي ڪوڙي سياست دفن ٿي ويندي، مملڪتي وزير اميد ظاهر ڪئي ته عمران خان 3 مئي تي عدالت ۾ پنهنجي آف شور ڪمپني جو جواب ڏيندو، ان پنهنجي اڻ نالي ٿيل ملڪيت، فارين فنڊنگ جو جواب ڏيڻ جي تياري ڪري ورتي هوندي، سندس چوڻ هو ته عمران خان صاحب خيبر پختونخواهه ۾ پنهنجي ناڪام ڪارڪردگي تي روئڻ بند ڪري، اهو پهرين بيمارن جي اسپتال، صاف پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻارن جي اسڪول جو انتظام ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *