اسلام آباد( بيورو ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڻ لاڳاپيل شيءَ کي گهرو وزارت سان جوڙڻ مناسب ناهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو گهرو وزارت سان دشمني ۾ پستيءَ جو شڪار آهن. ترجمان موجب ڪجهه ماڻهو پنهنجي ماضي جي اصليت ۽ ذهنيت مان نه نڪري سگهيا آهن. هن چيو ته گهرو وزير ايترو وقت ناهي جو ڪنهن جي ڪريل ڳالهين جو جواب ڏي. ترجمان موجب ميڊيا جا ڪجهه حلق بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ بيانن جو نوٽيس ڇو نه ٿا وٺن. گهرو وزارت جي ترجمان چيو ته الزام خورشيد شاهه جي سياسي، اخلاقي ۽ شخصي ڏيوالپڻي جو ثبوت آهن. هن چيو ته لڳي ٿو ته خورشيد شاهه جي ذهني ۽ اخلاق سطحي 70 جي ڏهاڪي واري آهي.