عمران خان کي پيسن جي آڇ وڏي ڳالهه آهي، جاچ ٿيڻ گهرجي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان کي پيسن جي آڇ وڏي ڳالهه آهي،  عمران خان کي ڪيل پيسن جي آڇ واري معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان کي به پيسن جي آڇ واري ڳالهه ثابت ڪرڻ گهرجي،  معاشري ۾ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڏوهه هوندو، عمران خان کي آڇ ڪندڙ شخص جو نالو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته عمران آڇ ڪندڙ نالو نه ورتو سياست مان هٿ ڌوئڻا پوندس، عمران کي 10 ارب رپين جي آڇ وڏو اسڪينڊل آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي ثابت ڪرڻو پوندو ته ان کي ڪنهن آڇ ڪئي، پاناما ڪيس وڏو اسڪينڊل آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *