گاجي کھاوڙ ڀرسان ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو،فائرنگ ھڪ قتل، ٽي ڄڻا زخمي

گاجي کهاوڙ (رپورٽر) :گاجي کھاوڙ ڀرسان ٻارن جي معمولي ڳالهه تان ڏيپر برادري ۾جهيڙو فائرنگ ھڪ قتل ٽي ڄڻا سخت  زخمي، زخمين کي لاڙڪاڻو  اسپتال منتقل ، تفصيل موجب گاجي کھاوڙ ڀرسان ڳوٺ مينھون ڏيپر ۾ ڏيپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان گذريل ڏينهن منھن ماري ٿي ھئي. جنهن تان ڪالھ ٻني تي لابارو  ڪندڙ مٿان ٻئي ڌر فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ 22سالاعنايت ﷲ پٽ ﷲڏنو ڏيپر قتل ۽  امام دين، عرفان، رشيد سخت زخمي ٿي پيا  جن کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ھوڏانھن ھن مھل تائين ڪيس داخل نٿي سگھيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *