ڪلڀوشن ياديو ۽ احسان الله احسان جا معاملا مختلف آهن: نفيس ذڪريا

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو ۽ احسان الله احسان جو معاملو مختلف آهي، ڪلڀوشن را  جو ايجنٽ آهي. ڪلڀوشن ياديو جو قانون تحت شفاف ٽراائيل ٿيو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا هفتيوار ميڊيا بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪلڀوشن ياديو پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي جڏهن ته سڀني کي خبر آهي ته جماعت الاحرار ڪٿي موجود آهي. هن چيو ته ڪلڀوشن بابت پهرين ئي ثبوت موجود آهن، ڪلڀوشن جاسوس آهي ۽ دهشتگرداڻين ڪارروائين ۾ ملوث آهي. ڪلڀوشن تائين قونصلر پهچ ڏيڻ جو فيصلو ميرٽ تي ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته احسان الله احسان پاڪ فوج جي سامهون سرينڊر ڪيو، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لاءِ افغانستنا جي سر زمين استعمال ڪئي ۽ پاڪستان اهو معاملو پهرين به اٿاريو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *