آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي عهدي تان هٽائڻ بابت منع نامو برقرار
April 28, 2017 at 7:22 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي( بيورو) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي عهدي تان هٽائڻ بابت منع نامو برقرار رکيو آهي. آءِ جي سنڌ کي عهدي تان هٽائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته آءِ جي سنڌ کي ڪم کان روڪيو پيو وڃي، سنڌ سرڪار جي رويي جو اثر امن امان تي پئجي رهيو آهي جنهن سان پوليس جو مورال به ڪري رهيو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته سنڌ پوليس عملي طور بنا سربراهه جي ڪم ڪري رهي آهي، آءِ جي سنڌ کي بي اختيار ڪيو ويو آهي ۽ کيس ڪنهن بريفنگ ۽ سڪيورٽي بابت اجلاس ۾ نه ٿو گهرايو وڃي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته وفاق کي صوبي جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، عدالت معاملي جي روزاني بنياد تي ٻڌڻي ڪري. درخواست ڪندڙ بئريسٽر فيصل صديقي چيو ته پوليس کي بااختيار ۽ غير سياسي هئڻ گهرجي، پوليس کي غير سياسي بڻائڻ ۽ مضبوط سڌارن لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي. جسٽس منيب اختر رمارڪس ۾ چيو ته اهو تمام گهڻو الڳ معاملو آهي، توهان الڳ درخواست ڪيو ته هو حڪم جاري ڪندا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.