ڪراچي (م ڊ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته اهو سرڪاري ملازم جي حيثيت سان نظم ۽ ضبط جو پابند آهيان، پنهنجي مرضي سان نٿو وڃي سگهان، هڪ طريقيڪار آهي، اهو مڪمل ٿئي ته هڪ منٽ نه لڳائيندس، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا صوبائي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڪوئي اختلاف ناهي، ڪنهن جو آهي ته ان کان پڇيو وڃي، حيدرآباد ٽريننگ سينٽر بائونڊري وال نه هئڻ سبب بند ڪيو، اتي تربيت وٺندڙن کي ٻين سينٽرز ۾ شفٽ ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته منهنجو پيپلز پارٽي حڪومت سان ڪو اختلاف ناهي، حڪومت جي مرضي هوندي آهي ته ڪنهن کي آءِ جي رکي، مون عدالت ۾ ڪا پٽيشن ناهي ڪئي، هن اهو به چيو ته انٽيليجنس اطلاع ڪنهن وٽ به هجي قدر جي نگاهه سان ڏسڻ گهرجي، ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي جي چيئرمين اويس شاهه آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کان استفسار ڪيو ته پوليس آفيسرن خلاف شڪايتن تي ڪارروائي ڇو ناهي ڪئي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته اوهان جي چوڻ تي معاملا لاڳاپيل ادارن کي موڪليا، جڏهن ته اڃا تائين ڪنهن هڪ معاملي تي به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، پوليس آفيسرن جي شڪايتن جو معاملو ڪيمٽي ۾ ٻيهر اٿارينداسين.