راولپنڊي (اين اين آءِ) فوجي عدالتن مان موت جي سزا ماڻيندڙ 4 خطرناڪ دهشتگردن کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو پاڪ فوج جي آءِ ايس پي آر مطابق جاري بيان مطابق انهن دهشتگردن کي دهشتگردي معصوم شهرين ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي حملن جي الزام ۾ موت جي سزا ٻڌائي ويئي هئي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سان تعلق رکندڙ چئن دهشتگردن کي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايا ويا هئا آءِ ايس پي آر موجب رحمان الدين پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جو رڪن هو جيڪو پاڪستان جي هٿياربند فوج قانون نافذ ڪندڙ ادارن تي حملن ۽ امن ڪميٽي جي هڪ ميمبر جي قتل ۾ ملوث هو. هن ٽرائيل ڪورٽ ۽ مئجسٽريٽ اڳيان پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو مشتاق خان ولد عمر سليم به پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جو ميمبر هو ۽ هي به قانون نافذ ڪندڙ ادارن تي حملن ۾ ملوث هو عبدالرحمان ولد فضل هادي به پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جو ميمبر هو جيڪو بيگناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث هو. پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جو سرگرم ميمبر ظفراقبال ولد محمد خان قانون نافذ ڪندڙ ادارن تي حملي ۾ ملوث هو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جونيئر ڪميشن آفيسر ۽ فرنٽيئر ڪانسٽبيلري جو هڪ سپاهي شهيد ٿيو هو.