واشنگٽن (اين اين آءِ)ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪار جون پرڪشش موقعن مان فائدو وٺن پاڪستان مان گهٽ وياج جي شرح تي قرضن جي سهولتن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏيئي رهيو آهي بين اقوامي ڪمپني پاڪستان ۾ مينيفيڪچرنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي غور ڪن واشنگٽن ۾ يو ايس چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل جي ميمبرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته موجوده حڪومت معيشت جي سمورن شعبن ۾ شفافيت کي يقيني بنائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان حوالي سان حڪومت ڪيترن ئي بين الاقوامي ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي ناڻي واري وزير چيو ته شفافيت جي ذريعي گورننس جي بهتري ۽ دهشتگردي خلاف جنگ سميت ٽيڪس لڪائڻ جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي اسحاق ڊار تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پاڪستان جي بين الاقوامي ريٽنگ ۾ گذريل چئن سالن دوران وڏي تبديلي ٿي آهي ان جي ريٽنگ منفي مان مثبت ڪئي ويئي آهي هن چيو ته اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ دنيا جي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پنجن وڏين مارڪيٽن ۾ شامل آهي جنهن سان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن هن چيو ته پاڪستان هن وقت تائين ڪاروباري سهولتن جي حوالي سان 24 مختلف قانون متعارف ڪرايا آهن جڏهن ته وڌيڪ 10 قانون تي ڪم جاري آهي. پاڪ آمريڪا ٻطرفي لاڳاپن تي روشني وجهندي هن چيو ته ٻئي ملڪ واپار ڪاروبار ۽ سماجي ترقي جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون هن آمريڪا جي سيڙپڪارن تي زور ڀريندي چيو ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي پرڪشش ڪوششن مان فائدو وٺن هن چيو ته بين الاقوامي ڪپنين کي گهرجي ته هو پاڪستان ۾ ميني فيڪچرنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي غور ڪن ڇو ته پاڪستان ۾ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪيتري سستي افرادي قوت دستياب آهي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت پاڪستان کي ماليات ۽ ڊجيٽل جي شعبن ۾ ترقي لاءِ پرعزم آهي تقريب ۾ جنرل انجنيئرنگ بوئنگ لاڪ هيڊمارٽن مون سينٽو ايڪسن موبل موٽرولا ڪوڪاڪولا سميت ڪيترن ئي بين الاقوامي ڪمپنين جا نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ ڪاروباري شعبي ۾ سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن جي تعريف ڪئي.