پاناما ڪيس ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه آهي: عمران خان
April 25, 2017 at 1:57 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاناما ڪي تي نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه آهي، بني گالا ۾ لينڊ مافيا ۽ غير قانوني اڏاوت ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ اچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ ن ليگ جي ليڊر کي ڪرپٽ قرار ڏنو پر مسلم ليگ نواز پنهنجي ليڊر کي ڪرپٽ قرار ڏيڻ تي جشن ملهائي رهي آهي، عمران خان پاناما ڪيس جي فيصلي جي حوالي سان ليگي قيادت ۽ ڪارڪنن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، ياد رهي ته بني گالا ۾ غيرقانوني اڏاوت ۽ لينڊ مافيا جي سرگرم هجڻ جي شڪايتن تي چيف جسٽس معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي جنهن جي ٻڌڻي لاءِ عمران خان سپريم ڪورٽ پهتو هو.