راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فوج پاناما ڪيس ۾ عدالتي جي حڪم تي جوڙيل جي ٽي آءِ ۾ قانون موجب شفاف طريقي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي، ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ قومي سلامتي ۽ خطي ۾ ٿيندڙ تازين تبديلين تي خيال ڪيو ويو جڏهن ته آپريشن رد الفساد ۽ پاناما بابت معاملا غور هيٺ آيا. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور سماجي رابطن ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪانفرنس ۾ آپريشن رد الفساد ۾ ڪياميابين جو جائزو ورتو ويو ۽ پاناما ڪيس تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو به غور هيٺ آيو جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ گڏيل جاچ ٽيم به ڳالهيون ٿيون. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فوج جي آءِ ٽي ۾ قانون موجب شفاف طريق سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، اجلاس ۾ شريڪ ٿيندر ان عزم جو اظهار ڪيو ته فوج اداري جي حيثيت سان سپريم ڪورٽ جي اعتماد تي پورو لهندي.