وزير اعظم نواز شريف عوامي دٻاءُ جي ڪري استعيفيٰٰ ڏيندو: منظور وساڻ

ڪراچي(م ڊ) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته آهي ته وزير اعظم نواز شريف عوامي دٻاءُ جي ڪري استعيفيٰٰ ڏيندو، مون اڳڪٿي ڪئي هئي ته نواز شريف کي ڊينٽ پوندا اهي پئجي ويا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي منظور وساڻ چيو ته مون کي اڳڪٿي قدرت طرفان ۽ مٿان ايندي آهي، جون ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو جڏهن ته جولاءِ ته خطرو ئي خطرو آهي. عدالتي فيصلي کان پوءِ نواز شريف جو ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته نواز شريف بابت جيڪو ڪجهه ڏسي رهيو آهيان اهو ٻڌائي رهيو آهيان، مريم نواز کي ريپليس ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن اختيارين کي واڌ ڏينداسين ته چونڊون شفاف ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي جڏهن ته ايم ڪيو ايم جا ٽئي ڌڙا اليڪشن ۾ گڏ ٿي وڙهندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *