ورڪس کاتي جي ننڍن ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي، مظاهرو ۽ ڌرڻو

شڪارپور(ڊ ر) ورڪس کاتي جي ننڍن ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي، مظاهرو ۽ ڌرڻو. تفصيل موجب شڪارپور جي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي ننڍن ملازمن جن ۾ داروغا، سب انجينئر، پٽيوالا، چوڪيدار، مالهي ۽ ٻيا شامل آهن طرفان ڪالهه پنهنجي چارٽر آف ڊيمانڊ جي منظوري لاءِ پنهنجي يونين سيوا سنڌ جي سڏ تي ضلعي صدر سڪندر سومرو، نظير شيخ ۽ فاروق سيٺار، غلام ياسين شيخ، امجد چنو جن جي اڳواڻيءَ ۾ اسسٽنٽ ڍيف انجنيئر ورڪس اينڊ سروسز جي آفيس کان هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا شهر جي مختلف رستن ۽ چوڪن کان ٿيندي پريس ڪلب آڏو پهتي جتي احتجاج ڪندڙ ملازمن طرفان ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته سپريم ڪورٽ طرفان اسان جي مطالبن جن ۾ اپگريڊيشن، سن ڪوٽا، فوتي ڪوٽا سميت ٻين مطالبن کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو هو پر ورڪس کاتي جي سيڪريٽري اعجاز ميمڻ سپريم ڪورٽ جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو آهي ۽ ان تي ڪو عمل نه پيو ڪري، هنن چيو ته اسان مجبور ٿي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي آهي جيسيتائين سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري اسان جا مطالبا پورا نه ڪيا ويندا تيسيتائين اسان جو احتجاج جاري رهندو هنن سيڪريٽري کي هٽائڻ جي به گهر ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *