نجي تعليمي ادارن ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ سرڪاري استادن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي: ڄام مهتاب ڏهر

ڪراچي (هه آ) تعليم ۽ خواندگي واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر راڻيپور ضلعي سان تعلق رکندڙ ست ڪاليج جي ليڪچرارن کي سرڪاري وقت ۾ خانگي تعليمي ادارن ۾ خدمتون انجام ڏيڻ تي سندن خلاف محڪمه جاتي ڪارروائي ڪندي انهن استادن جي ترقي پنج سالن لاءِ روڪي ڇڏي آهي. جن استادن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي انهن ۾ اشفاق ميمڻ ليڪچرار انگلش، برڪت علي راڄپر نباتات، غلام محمد ملاح ليڪچرار نباتات، محمد نذر سولنگي رياضي، فهيم الرحمان فزڪس، غلام علي ڄامڙو فزڪس ۽ غلام الله ڏهر زولاجي شامل آهن. ان کان علاوه صوبائي وزير تعليم ۽ خواندگي ڄام مهتاب حسين ڏهر ڊائريڪٽر جنرل پرائيويٽائيزيشن کي هدايت ڪئي آهي ته هو خانگي ادارن کي خط لکي ته هو پنهنجن تعليمي ادارن ۾ سرڪاري استادن کان خدمتون انجام نه ڏيڻ ڏين ڇو ته هو پنهنجي نوڪري تي وڃڻ بجاءِ خانگي تعليمي ادارن ۾ خدمتون انجام ڏين ٿا. هن ڊائريڪٽر جنرل کي هدايت ڪئي ته هو ٽيمون جوڙي ۽ نجي تعليمي ادارن جو اوچتو  دورو ڪري اتي خدمتون انجام ڏيندڙ استادن جا تفصيل چيڪ ڪري ۽ خلاف ورزي ڪندڙ ادارن خلاف قانون جي مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته اها الهه افسوس جوڳي آهي ته سرڪاري ملام هجڻ ۽ بهترين پگهار کڻڻ جي باوجود استاد سرڪاري وقت دوران خانگي تعليمي ادارن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *