ڏهه ڏينهن اڳ نصيرآباد مان کنڀي گم ڪيل نوجوان اعجاز تنيو جا وارث سراپا احتجاج،گھر إ‏۾ روڄ

نصيرآباد ( رپورٽر) ڏهه ڏينهن اڳ نصيرآباد مان کنڀي گم ڪيل نوجوان اعجاز تنيو جا وارث سراپا احتجاج ڪالهه ٽئين ڏينهن به سندس جيجل امڙ سندس والد ۽ ڀائرن سميت سندس معصوم نياڻي پاران احتجاج اسان جي نوجان جو ڪنهن به تنظيم سان واسطو ناهي خدا جي وزسطي ان کي آزاد ڪرايو پريس ڪلب ۾ دانهون خبر موجب نصيرآباد جي نوناري محلي جي گيمن جي دڪان تان کنڀي گم ڪيل نوجوان اعجاز تنياجي وارثن پاران سندس با حفاظت بازيابي جي لاء ڪالهه ٽئين ڏينهن به احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي سندس جيجل ماء حميدان خاتون سندس والد محمد اسماعيل تنيو سندس ڀائرن محمد اسلم تنيو محمد اڪرم تنيو ۽ سندس 3 سالن جي معصوم نياڻي فلڪ اعجاز تنيو پاران پنهنجي نوجان جي بازيابي جي لاء دانهنون پڻ ڪيون ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مٿين اڳواڻن چيو ته اسان جو نوجوان بيقصور آهي هن جو ڪنهن به پارٽي يا تنظيم سان ڪوبه واسطو ناهي کيس سندس گيمن جي دڪان تان پوليس جي وردي پهريل ماڻهن کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته اسان کي هن وقت تائين ڪابه خبر ناهي پئجي سگھي ته اسان جو نوجاون ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ آهي اسين اعلا حڪام کي هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪريون ته اسان جي نوجان کي بازياب ڪرائڻ ۾ اسان غريب مسڪينن جي مدد ڪيو وڃي اڄ عيد آهي سندس معصوم ٻچڙا کيس عيد واري ڀلاري رات ياد ڪري روئي رهيا آهن انهن تي رحم کائي اسان جي ٻچڙي کي آزاد ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *