وزير اعظم نواز شريف غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي
April 25, 2017 at 1:41 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم نواز شريف وفاقي ڪابينا توانائي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ واضع ڪيو آهي ته بجليءَ جي غير اعلانيا لوڊشيڊنگ ۽ عوام جي تڪليف ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي، هن جو چوڻ هو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي دير يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، سڀني کي خبر آهي ته گرمين جي موسم آهي، جوڳا انتظام ڪري جلد مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آندي وڃي، وزير اعظم حڪم ڏنو ته بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کي ختم ڪرڻ ۾ سمورا وسيلا ڪم آندا وڃن، هن چيو ته پيداواري منصوبن کي جلد يقيني بڻايو وڃي، ڪابينا ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ وزير اعظم کي ٻڌايو ويو ته بجلي جو شارٽ فال ساڍا چار هزار ميگا واٽ آهي، شارٽ فال لائن لاسز ۽ چوري جي ڪري ۵۲۰۰ ميگا واٽ تائين پهچي ويو آهي، جنهن تي وزير اعظم پيٽروليم واري وزير کي حڪم ڏنو ته جلد کان جلد گئس توانائي بحران تي ڪنٽرول ڪري عوام کي تڪليف کان بچايو وڃي.