وزير اعظم کي چئون ٿا ته وقت کان اڳ اليڪشن کان بچائي ۽ سياسي فيصلو ڪري: خورشيد شاهه

April 25, 2017 at 1:40 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

سکر(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته وزير اعظم کي استعفيٰ نه ڏيڻ جي ڪهڙي ضد آهي، هن کي چيو ته ٿا ته وقت کان اڳ اليڪشن کان بچايو ۽ سياسي فيصلو ڪيو. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته 2014ع ۾ وزير اعظم نواز شريف کي اسعيفيٰ نه ڏيڻ جو مشورو ڏنو هو پر هاڻ اسعيفيٰ ڏيڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهيون ڇو ته نواز شريف جي پارليامينٽ کان عليحدگي سان پارليامينٽ ۽ جمهوريت مضبوط ٿيندي پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته وزير اعظم نه ڏيڻ جي ڪهڙي ضد ڪئي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ماضي جي الزامن مان آزاد ٿي چڪي آهي اسان 5 سالن جي حڪومت ۾ ڪوڙ نه ڳالهايو  ۽ پنهنجي حڪومت ۾ سمورا واڳدا پورا ڪيا جڏهن ته سنڌ ۾ 15 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي ڇا اسان پاڪستاني ناهيون. هن وڌيڪ چيو ته آصف زرادري سمورن ڪيسن مان باعزت بري ٿيو.

اي پيپر