وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس: نارا ڪينال سسٽم مان غير قانوني آئوٽ ليٽس جي انڪوائري جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو نارا ڪينال سسٽم مان غير قانوني آئوٽ ليٽس جي خلاف تفصيلي انڪوائري ڪن ۽ انهيءَ سموري نظام ۾ پاڻي جو مناسب طريقي سان ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ نارا ڪينال سسٽم ۾ خاص طور پاڻي جي کوٽ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايم اين ايز، مير منور ٽالپر، نواب يوسف ٽالپر، صوبائي وزيرن ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، امداد پتافي، ايم پي ايز علي مردان شاهه، مير حيات ٽالپر، سيڪريٽري آبپاشي سيد جمال شاهه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر اجلاس ۾ واضح ڪندي چيو ته جمڙائو ڪينال ۾ ڪجهه غير قانون واٽر ڪورسيز قائم آهن. تنهن تي وڏي وزير چيو ته اهو عمل ڪنهن به صورت قابل قبول نه آهي. هن سيڪريٽري آبپاشي کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ڪوبه غير قانوني واٽر ڪورس هوندو ته انهيءَ جي خلاف تحقيقات ڪري سخت ڪاروائي ڪندي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.  سيڪريٽري آبپاشي سيد جمعه شاهه چيو ته نارا ڪينال سسٽم کي 2 حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. مٿانهون نارا جيڪو سکر بيراج ۽ جمڙائو وائير جي وچ ۾ قائم آهي. ۽ ٻيو 115 ميل ڊگهو آهي ۽ هيٺيان نارا جمڙائو وائير کان به هيٺ آهن ۽ اهي 105 ميل ڊگها آهن. نارا ڪينال جي مجموعي ڊيگهه 220 ميل آهي ۽ انهيءَ جي گهرج گنجائش 13602 ڪيوسڪ آهي. نارا ڪينال سسٽم ۾ 6 ٻيا ڪينال مثال طور مٿانهون نارو، هيٺانهون نارو، جمڙائو ڪينال، ٽوئن جمڙائو، مٺڙائو ڪينال، کپرو ڪينال آهن. واضح هجي ته نارا ڪينال سسٽم سکر بيراج ۾ 1932 کان وٺي آهي. سنڌو درياءَ جي ڇوڙ جي ريگورليٽنگ ۽ مٿانهين ناري ذريعي نهرن جي پاڻي جي فراهمي ڪئي وڃي ٿي جيڪا خشڪ فصلن يعني ڪپهه ۽ ڪڻڪ جي لڻائي ۾ استعمال ٿئي ٿو. نارا ڪينال ڪمانڊ جي وڏن ڀاڱن ۾ ڪڻڪ ۽ ڪپهه پوکي وڃي ٿي. جڏهن ته ايسٽرن نارا ڪينال جي آخر ۾ خاص حصن ۾ چانور جي پوک ٿئي ٿي. سکر بيراج جي اڏاوت کان اڳ نارا ڪينال هڪ ٻوڏ وارو هنڌ سمجهيو ويندو هو جيڪو پراڻي هڪڙي دريا جي ڪورس کي فالو ڪندو هو. جنهن کي 19هين صدي ۾ بند ڪيو ويو هو. سيڪريٽري آبپاشي وڌيڪ چيو ته نارا ڪينال وارو علائقو واٽر بورڊ وارن پاڻي جي هڪجهڙائي ورڇ لاءِ سنجيدگي سان ڪوشش ڪئي آهي. ۽ انهيءَ لاءِ هر هڪ ڪينال تي ڏينهن ۾ 2 ڀيرا ٽيل گيجيز جي رڪارڊنگ ڪئي وڃي ٿي. انهيءَ کان علاوه ايگزيڪيٽو انجنيرز کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سڌو سنئون آئوٽ ليٽ روٽيشن پروگرام تي توجه ڏين ۽ مڪمل نظام ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيڪريٽري آبپاشي کي هدايت ڪئي ته هو پاڻي جي بهتر طريقي سان ورڇ کي يقيني بڻائي ته جيئن سمورا نارا نيڪال سسٽم جي هارين کي پاڻي ميسر ٿي سگهي. زرعي انڪم ٽيڪس: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه زرعي انڪم ٽيڪس تي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته شعبن ۾ گهڻي قدر وڏين ڪمپنين ۽ نمايان ڪاروباري حضراتن پنهنجن ريٽرنز ۾ زرعي آمدني ظاهر ته ڪن ٿا پر اها حقيقت آهي ته اهي بورڊ آف روينيو کي هڪ پيسو به نٿا ڏين.  هن چيو ته ايف بي آر مونکي هڪ رپورٽ اماڻي آهي جنهن ۾ 500 اهم ڪاروباري ماڻهن، واپارين، صنعتڪارن ۽ وڏين ڪمپنين جي نالي آهن جنهن پنهنجن ٽيڪس وصولين ۾ زرعي آمدني ظاهر ڪئي آهي. هن اها فهرست چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ جنهن وٽ سينئر بورڊ آف روينيو جو چارج پڻ آهي کي ڏيندي هدايت ڪئي ته هو انهي مسئلي کي ڏسن ۽ فهرست ۾ ڏنل ڏس پستن مطابق انهن کي نوٽس جاري ڪيا وڃن ۽ انهن کان زرعي انڪم ٽيڪس وصول ڪيو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري/سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي اها پڻ هدايت ڪئي آهي ته هو ايگريڪلچر ٽيڪس ريفارم ڊرافٽ بل پڻ تيار ڪري ته جيئن هو انهيءَ کي سنڌ اسيمبلي کان پاس  ڪرائي سگهي. سنڌ حڪومت 5 لک رپين تائين جي زرعي انڪم ٽيڪس کان مستثنيٰ قرار ڏنو آهي ۽ 5 لک کان وڌيڪ آمدني تي ٽيڪس جا مختلف سليبس آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *