عمر ڪوٽ ضلعي ۾ تقريبن 1471 ملين روپين جا 49 ترقياتي منصوبا هلندڙ آهن: ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ

April 23, 2017 at 9:56 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي(هه آ) وزيراعليٰ سنڌ جي اقليتي معاملن بابت معاون خصوصي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ چيو آهي ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خاطري ڪرائي آهي ته هو ميرپور خاص جي ضلعي عمر ڪوٽ ۾ جلد گيس جي فراهمي لاءِ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عمر ڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ چيو  آهي ته موجوده حڪومت تحت عمر ڪوٽ ۾ 49 ترقياتي منصوبا جاري آهن، جنهن جي ڪل ماليت تقريبن 1417 ملين روپيا آهي جنهن مان تقريبن 1006 ملين روپيا جاري ٿي چڪا آهن جڏهن ته هن مهل تائين 700 ملين روپيا انهن منصوبن تي خرچ به ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه ضلعي ۾ هلندڙ 8 منصوبا اهڙا آهن جن کي 100 سيڪڙو  فنڊ جاري ٿي چڪا آهن ۽ اهي منصوبا جون 2017 تائين مڪمل ڪيا ويندا. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ گفتگو دوران وڌيڪ ٻڌايو ته 49 اسڪيمن مان ثقافت کاتي جي هڪ ، تعليم کاتي جون پنج، صحت جي هڪ، آبپاشي کاتي جي 4، قانون جي هڪ، بلديات کاتي جون 2 ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جون 10، رورل کاتي جون 3 راندين جي کاتي جون 2 ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جون 19 اسڪيمون شامل آهن. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوامي خدمت ۽ عوام ۾ وڌندڙ مقبوليت کان خوفزده آهن ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ڪوڙ جو سهارو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جو عوام پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي قيادت تي مڪمل اعتماد ڪندي ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ پ کي ملڪ جي چئني صوبن جي زنجير بڻائڻ لاءِ ڪامياب ڪندو.   

اي پيپر